هندو برادري پاران هولي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان، بلاول پاران آجيان

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان هندو سماج جي باني ۽ چيئرمين ڊاڪٽر راڪيش موتياني پوري هندو برادري کي اپيل ڪئي آهي ته عالمي، ملڪي ۽ سرحدي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن سال هولي جو ڏڻ مڪمل سادگي سان ملهايو وڃي. هندو پئنچائت به هولي جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري جي اپيل تي هندو برادري پاران ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هندو برادري صدر جي اپيل تي عمل ڪري وطن سان محبت جي هڪ نئين تاريخ لکي آهي. هن سڄي پاڪستان جي هند برادري کي هوليءَ جي اڳواٽ مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته رنگن جو هي تهوار قومي ٻڌي جي جذبي تحت سادگي سان ملهايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.