دبئي (م ڊ) گڏيل عرب امارات جي بچاءَ واري وزارت ايران جي حملن ۽ نقصانن جا تفصيل جاري ڪيا. بيان ۾ چيو ويو ته ايران يو اي اي تي 165 بيلسٽڪ ميزائل، 2 ڪروز ميزائل ۽ 541 ڊرون فائر ڪيا. هٿياربند فوج 20 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 311 ڊرون ڪيرايا. آچر تي ايران کان فائر ڪيل 8 بيلسٽڪ ميزائل سمنڊ ۾ ڪريا، جڏهن ته اماراتي دفاعي نظام 2 ڪروز ميزائل ڪيرايا. 21 ايراني ڊرون شهري جاين کي نشانو بڻايو، انهن حملن ۾ 3 ايشيائي شهري مارجي ويا، جڏهن ته 58 اماراتي ۽ پرڏيهي شهري معمولي زخمي ٿيا.