حزب الله پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جي اڳرائي خلاف مزاحمت جو اعلان

بيروت(عوامي آواز نيوز)لبنان جي مسلح تنظيم حزب الله اعلان ڪيو آهي ته ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي ’جارحيت‘ جو مقابلو ڪندي.بي بي سي فارسي جي مطابق، حزب الله جي سڪريٽري جنرل نعيم قاسم هڪ بيان ۾ چيو ته انهن جي تنظيم ’مزاحمت جو رستو نه ڇڏيندي‘.نعيم قاسم ايران جي رهبر اعليٰ ٰ تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي کي ’مجرماڻي سرگرمي قرار ڏيندي چيوته الله تي اعتماد، رهنمائي ۽ حمايت سان، اسان هن جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين‘.ان کان اڳ به، حزب الله چيو هو ته هو ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻبي، پر آيت الله خامنه اي تي ڪنهن به حملي کي ’ڳاڙهي لڪير‘ سمجهيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.