ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت ۽ افسوسناڪ واقعن تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام هن ڏکئي گهڙيءَ ۾ ايران ۽ سڀني سوڳوارن سان گڏ بيٺل آھي. هن ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ ڀرسان پيش آيل انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي تي پڻ سخت ڏک ظاهر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي. ملڪ جي نازڪ صورتحال بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت ڏکئي ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول مان گذري رهيو آهي ۽ امن امان کي بگاڙيندڙ جي ڪنھن بھ قسم جي ڪوشش ناقابل قبول هوندي. هن چيو ته هي وقت تحمل ۽ ذميواري جو تقاضو ڪري ٿو ۽ حڪومت ڪنهن کي به قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. ان حوالي سان وڏي وزير ناليوارن مذهبي اڳواڻن سان رابطو ڪيو، جن ۾ علامه شھنشاهه نقوي، علامه شبير ميثمي ۽ ٻيا شامل ھئا،۽ سندس درخواست ڪئي ته هو عوامي جذبن کي پُرسڪون رکڻ ۽ ماڻهن کي صبر ۽ امن جي تلقين ڪرڻ ۾ سندن ڪردار ادا ڪن. مذهبي اڳواڻن وڏي وزير کي پڪ ڏياري ته گڏجاڻيون ۽ مذهبي تقريبون پُرامن ۽ منظم انداز ۾ منعقد ڪيون وينديون. ان يقين ڏيارڻ کانپوءِ وڏي وزير انتظاميا ۽ پوليس کي مڪمل سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.