تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾، اسان ايران ۾ هزارين هدفن کي نشانو بڻائينداسين. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته اسان اهڙيون حالتون پيدا ڪنداسين جو ايراني عوام پاڻ کي آزاد ڪرائيندو، ايراني شهرين جي تڪليف ۽ قربانيون ضايع نه وينديون. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته جنهن مدد جو توهان انتظار ڪري رهيا هئا اها پهچي وئي آهي.