آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران ٽڪراءُ، جيڪو دنيا کي ”هيرو شيما ۽ ناگاشاڪي“ بڻائي سگهي ٿو

دنيا جي سياسي افق تي هڪ اهڙو زلزلو اچي چڪو آهي جنهن جا جھٽڪا رڳو وچ اوڀر تائين محدود ناهن رهيا، پر عالمي ضمير کي به لوڏي رهيا آهن. آيت الله علي خامنه اي جي شهادت هڪ اهڙو واقعو بڻجي سامهون آئي آهي جنهن رڳو هڪ ملڪ جي قيادت کي نه، پر پوري خطي جي طاقت جي توازن کي سوالن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.  جنگ جي باهه اڳ ئي ڀڙڪي چڪي هئي. آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ پاسي ۽ ايران ٻئي پاسي، مهينن کان ڇڪتاڻ جي اهڙي سرحد تي بيٺا هئا جتي هر بيان، هر ميزائل آزمائش ۽ هر خفيه ڪارروائي هڪ وڏي ٽڪراءُ جي آگاهي ڏئي رهي هئي. پر خامنه اي جي شهادت ان تڪرار کي صرف عسڪري سطح کان ڪڍي عقيدي، غيرت ۽ قومي وقار جي ميدان ۾ آڻي بيهاريو آهي. هاڻي مسئلو صرف جيوپوليٽڪس جو نه رهيو آهي پر اهو وجودي سوال بڻجي چڪو آهي.

آمريڪا پنهنجي موقف ۾ چوي ٿو ته هن جي ڪارروائين جو مقصد خطي ۾ استحڪام ۽ پنهنجي اتحادن جو تحفظ ڪرڻ آهي. جيڪو بار بار اهو دليل ڏئي رهيو آهي ته ايران جي علائقائي سرگرمين ۽ هٿيارن جي پروگرام کي روڪڻ ضروري آهي، ڇو ته اهو نه صرف اسرائيل پر پوري خطي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. پر تنقيد ڪندڙ حلقا پڇن ٿا ته ڇا طاقت جي استعمال سان واقعي استحڪام اچي ٿو يا وري اهو هڪ نئين بحران  کي جنم ڏئي ٿو؟ خطي ۾ هاڻي فضا بارود جي بوءَ سان ڀرجي وئي آهي. خليج جي پاڻيءَ ۾ جنگي جهازن جو گشت وڌي چڪو آهي. ايران اندر عوامي ريليون آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف شديد جذبات جو اظهار ڪري رهيون آهن. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به ننڍڙي واقعي جو وڏو نتيجو نڪري سگهي ٿو.

آيت الله خامنه اي جي شهادت سان ايران جي اندروني سياست به نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته نئين قيادت ڪهڙو رخ اختيار ڪندي؟ ڇا هو وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪندي ۽ عسڪري ڪاررواين کي تيز ڪندي يا سفارتڪاريءَ جا در کولڻ جي ڪوشش ڪندي؟  خليجي رياستن لاءِ صورتحال انتهائي نازڪ آهي. سعودي عرب ۽ ٻيون پاڙيسري رياستون چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿيون ته جيڪڏهن جنگ پوري شدت سان وڌي ٿي ته ان جا اثر سندن بندرگاهن، تيل جي تنصيبات ۽ معيشتن تي سڌيءَ ريت پوندا. عالمي توانائي مارڪيٽ اڳ ئي غير يقيني صورتحال جو شڪار آهي. جيڪڏهن آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون، جنهن جو اثر دنيا سڀني ملڪن تي پوندو.

گڏيل قومن امن جون اپيلون ضرور ڪيون ، پر حقيقت اها آهي ته وڏين طاقتن جي مفادن آڏو عالمي ادارا اڪثر ڪمزور نظر اچن ٿا. ويٽو پاور ۽ جيوپوليٽيڪل اتحاد اهڙا عنصر آهن جيڪي ڪنهن به قرارداد کي اثرائتو ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا. جيڪڏهن عالمي نظام واقعي جنگ کي روڪڻ چاهي ٿو ته رڳو بيانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻا پوندا. عام ماڻهو جنگ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. تهران، تل ابيب يا بيروت جي گهٽين ۾ رهندڙ خاندانن لاءِ جنگ رڳو ٽي وي اسڪرين تي هلندڙ بحث نه آهي؛ اها سندن روزاني زندگيءَ جو سوال آهي. جڏهن بم ڪِرن ٿا ته اُهي اهو نٿا پڇن ته سامهون شيعو آهي يا سني، يهودي آهي يا عيسائي. اهي رڳو گهر ڊاهين ٿا، انسانيون زندگيون ختم ڪري تباهي ڦهلائڻ ٿا.

جنگ جي نفسيات به عجيب هوندي آهي. شروع ۾ قومي اتحاد جو جوش هوندو آهي، پر وقت گذرڻ سان ٿڪاوٽ، مهانگائي، بي روزگاري ۽ انساني نقصان سماج کي اندران کائي وڃن ٿا. ايران اڳ ئي سخت معاشي پابندين جو شڪار رهيو آهي. جيڪڏهن هاڻي مڪمل عسڪري ٽڪراءُ شروع ٿئي ٿو ته عام شهرين جي زندگي وڌيڪ مشڪل بڻجي پوندي. ساڳئي وقت اسرائيل به مسلسل سيڪيورٽي خدشن ۽ راڪيٽ حملن جي خطري هيٺ رهندو.

آيت الله خامنه اي جي شهادت کي ايران اندر قرباني ۽ مزاحمت طور پيش ڪيو پيو وڃي. اهڙي بيانيي سان جذباتي توانائي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ملڪ کي مختصر مدي ۾ متحد ڪري سگهي ٿي. پر ڊگهي مدي ۾ ملڪن کي جذبات کان وڌيڪ پاليسين جي ضرورت هوندي آهي. ڇا نئين قيادت اهو توازن قائم ڪري سگهندي؟ دنيا اڳ به اهڙن بحرانن مان گذري چڪي آهي. ڪوبا ميزائل بحران کان وٺي عراق جنگ تائين، هر ڀيري طاقت جي سياست انسانيت کي خطري ۾ وڌو آهي. پر هر بحران سان گڏ هڪ موقعو به پيدا ٿيو آهي ته عالمي نظام پاڻ کي سڌاري. شايد هن ڀيري به اهو ئي لمحو هجي جتي وڏيون طاقتون سمجهن ته مڪمل جنگ ڪنهن جي به فتح نه هوندي.هي وقت آهي خبردار رهڻ جو، تاريخ مان سبق سکڻ جو ۽ اهو سمجهڻ جو ته طاقت جي عارضي فتحن کان وڌيڪ اهم انساني بقا آهي. جيڪڏهن خطي جا رانديگر ۽ عالمي طاقتون هن سچ کي قبول ڪن ته جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿي ته پوءِ جنگ جا پاڇا رڳو وچ اوڀر تي نه، پر سڄي دنيا تائين پکڙجي ويندا ۽ ٽئين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويندي جنهن سان انساني وجود سخت خطري  هيٺ اچي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.