ويھين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رھبر شاعر آھي، ھن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي. سنڌ جي ھن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي ھو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ ھو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. ھن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ ھو، جيڪو شھر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو ھو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو ھو.
شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙھيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر بھ رھيو. ھن ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رھبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاھي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديھانت سبب مڪمل نھ ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان ھو، ھن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رھبريءَ ۾ ھلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏھن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو تھ شيخ اياز ۽ بِھاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پھريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا.
شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ بھ سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان بھ سلهاڙيل رھيو. ورھاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رھيو. شيخ اياز ٻاراڻي وھيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پھريون نظم يارھن سالن جي عمر ۾ ڇپيو ھو. شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون بھ لکيون، سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو. ورھاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ اياز جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، بھاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ٻيا ڀارت ھليا ويا ۽ ورھاڱي جي ھن ڪاري وار شيخ اياز جي ذھن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت ھليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو ھو، ان ڪري ھن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنھن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”بوءِ گل نالئھ دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراھيم جويي جھڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو. جويي صاحب، شيخ اياز جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو تھ ھو اردو شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو تھ ھو پنھنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پھچائي سگهي ٿو. ’مھراڻ‘ جي 1955ع جي پھرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان ھيٺ شيخ اياز جا ڏانھس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاھر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نھ رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ھو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. ھن جي شاعري تھ باڪمال آھي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي بھ اعليٰ درجي جي آھي.
شيخ اياز جي پھرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر ڀري آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ ھڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي ھئي ۽ اھا پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ شاعري ۽ نثر کي جدا جدا ڀاڱن ۾ شايع ڪيو آھي. سندس اردو شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئھ دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ اور نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فھميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ”حلقھ ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشھور دانشور ۽ شاعر احمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپيو،
شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشتمل آھي. پھريون دور ترقي پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آھي ۽ ٻيو دور بين الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو. اھي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان بھ جهلڪن ٿا، جو پھرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنھنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رھندو. جھڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهھ عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رھيو، تھڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهھ وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رھيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ بھ حصيدار بڻيو. شيخ اياز ٻھ شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. ھن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھھ ڀٽ شاھھ ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آھي.
(سنڌيا تان کنيل)