مسلم دنيا ۾ اڪيلو مزاحمت ڪندڙ علي خامنه اي هو، حڪمران ٽرمپ جي چاپلوسي بند ڪن:عوامي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته پاڪستان  جي قوم پنهنجي غيرت مند ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي۔ جنهن بهادري ۽ ثابت قدمي سان هو آمريڪي جارحيت ۽ صيهونيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اها ساراهه جوڳي آهي۔ڪو اسان جي جنرلن کي سمجهائي  ته جنگيون ڊالرن يا عارضي خوشنودي لاءِ نه وڙهيون وينديون آهن، نه ڪنهن کي نوبل انعام ڏيارڻ لاءِ، پر قومي خودداري ۽ اصولن جي بچاءَ لاءِ وڙهيون وينديون آهن۔ دشمن جو مقابلو جرئت ۽ وقار سان ڪيو ويندو آهي، نه مفادن خاطر سر جهڪائي۔سينئر سياستدان مشاهد حسين سيد لکيو ته سپريم ليڊر جي شهادت اسلامي انقلاب ۽ وچ اوڀر جي جيوپوليٽڪس لاءِ هڪ اهم موڙ آهي! سيڪيورٽي ۾ هڪ وڏو ڏار  سامهون آيو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته سپريم ليڊر کي هڪ  ملاقات جي نالي تي آفيس گهرايو ويو، جڏهن ته سڀ ڄاڻندا هئا ته ڪنهن به وقت حملو ٿي سگهي ٿو، ۽ کين محفوظ ڳجهي بنڪر ۾ منتقل ڪرڻ بدران رهائش/آفيس تي ئي ويهاريو ويو۔افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته آمريڪا-اسرائيل جارحيت ۾ ايران جي ڪجهه خليجي پاڙيسرين جي به شموليت يا سهڪار شامل آهي۔جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته شهبازشريف ۽ انهن جي سرپرستن کان مطالبا آهن فوري طور تي نام نهاد “آمريڪي بورڊ آف پيس” مان نڪري وڃن، هي قاتلن ۽ امت جي دشمنن جو ڪلب آهي، آمريڪي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، کليءَ طرح ايران سان گڏ بيٺل رهو،شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لکيو ته شهيد ڪڏهن به نٿو مري اسان به  علي خامنه اي  کي فلسطيني مقصد سان سندس وابستگي ۽ ان ڳالهه لاءِ ياد رکندا سين ته جڏهن مسلم دنيا ۾ ڪيترائي جهڪي ويا، تڏهن هن ڪڏهن به سر نه جهڪايو،فاطمه ڀٽو لکيو ته ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ جي گارڊن پاران پاڪستان  جي شهرين جو قتل هڪ ڏوهه آهي۔ ڇا حڪومت پنهنجي ئي شهرين جي موت کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ به تيار آهي يا اهي انهن خونخوار ماڻهن جي خوشامد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جن سان هو نام نهاد “بورڊ آف پيس“ ۾ گڏ ويهندا آهن؟اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ لکيو ته ايران جي سپريم ليڊر قومي وقار ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي۔ اڳواڻ غيرت سان جيئندا آهن ۽ اڳيان بيهي قيادت ڪندا آهن،ٽرمپ کي سلاميون هڻندڙ چاپلوس اڳواڻ ملڪ لاءِ فخر نه پر شرمندگي جو سبب هوندو آهي۔ اصل اڳواڻ اهو هوندو آهي جيڪو “ايبسوليوٽلي ناٽ” چئي سگهي،جماعت اسلامي اڳواڻ سراج الحق چيو علي خامنه اي جي  شهادت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪربلا جي پيغام ۽ امام حسين جي سنتِ قرباني کي تازو ڪري ڇڏيو آهي۔ ظلم جي سامهون ڄمي بيهڻ ۽ حق لاءِ جان قربان ڪرڻ ئي اهو رستو آهي جنهن تاريخ ۾ وڏا انقلاب آندا آهن۔ قرآنِ پاڪ جو فيصلو آهي ته شهيد ڪڏهن به نٿو مري۔ علي خامنه اي جو پيغام صاف آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل دهشتگردي ايران جي عزم کي ڪمزور نٿي ڪري سگهي،هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ ۽ بي دريغ آنسو گيس جو استعمال انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن۔پاڪستان حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪري،اڳوڻي گورنر محمد زبير شهيد علي خامنه اي کي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته هو واحد مسلمان اڳواڻ هو جنهن اسرائيل  ۽ آمريڪا جي جارحيت ۽ بربريت خلاف بيهي مقابلو ڪيو۔ اهو ئي اڳواڻ هو جنهن سچائي سان فلسطيني مقصد جي حمايت ڪئي۔آخر ۾ هو نه فرار ٿيو ۽ نه ئي آمريڪين آڏو رحم جي اپيل ڪئي۔ هو هميشه هڪ شهيد طور ياد رکيو ويندو، جنهن مسلمانن جي مقصد لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.