اسين جدوجهد جا مورڙا آهيون، يونس خاصخيلي جي جدوجهد ڪهاڻي

سامي ميمڻ

سر تان سانگو لاهي، سامونڊين جا حق ڳڙڪائيندڙ واڳون سان جهيڙيندڙ يونس خاصخيلي وقت جي بي رحم لهرن، ڏکين لاهين چاڙهين ۽ ور وڪڙ رستن سان ٽڪرائيندي اڄ به اڳتي وڌي رهيو آهي۔ سندس جدوجهد ڪنهن هڪ ماڻهو جي ڪهاڻي نه پر هڪ پوري سامونڊي سماج جي درد، مزاحمت ۽ اميدن جي داستان آهي۔

يونس خاصخيلي جنهن علائقي سان تعلق رکي ٿو، اهو علائقو صدين کان سمنڊ ڪناري "ريڙهي مياڻ” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ هيءَ مياڻ رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر صدين جي تاريخ، ثقافت ۽ ماڻهن جي سڃاڻپ سان جڙيل آهي۔ هتي جا ماڻهو خاص طور تي مهاڻا پنهنجي محنت، بهادري ۽ همت لاءِ مشهور رهيا آهن۔ هن علائقي جون عورتون به مردن کان گهٽ ناهن، پر ڪيترين ئي معاملن ۾ ٻه وکون اڳتي آهن۔ اهي سمنڊ سان جهيڙين ٿيون، گهر هلائين ٿيون، ٻارن کي پالين ٿيون ۽ مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو به رکن ٿيون۔

پر افسوس جو ريڙهي مياڻ جي ماڻهن کي بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو ويو آهي۔ نه صحت جون سهولتون، نه تعليم جو مناسب بندوبست، نه پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نه روزگار جا مستحڪم ذريعا۔ ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته سمنڊ، جيڪو سندن روزگار جو واحد ذريعو هو، آهستي آهستي انهن کان کسيو پيو وڃي۔  ماڻهو پنهنجن ئي علائقن ۾ بي گهر ۽ بي وس بڻجي ويا۔ان سان گڏ هڪ ٻيو خطرناڪ ڄار به هن علائقي تي اڇلايو ويو ـ منشيات جو ڄار۔ غربت، بيروزگاري ۽ مايوسيءَ جو فائدو وٺندي ڪجهه عناصر نوجوانن کي منشيات ڏانهن ڌڪڻ لڳا۔ آهستي آهستي اهو زهر سماج ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ ڪيترائي ماڻهو زنده هوندي به مرده بڻجي ويا۔ سندن اکين مان اميد ختم ٿي وئي، سندن زندگيون بي معنيٰ بڻجي ويون۔

اهڙي مايوس ڪندڙ ماحول ۾ جڏهن هر طرف خاموشي هئي، تڏهن يونس خاصخيلي هڪ آواز بڻجي اڀريو۔ هن مهاڻن جي حقن لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو۔ هن پنهنجي ماڻهن کي جاڳايو، کين ٻڌايو ته سندن حق آهن، سندن زمين آهي، سندن سمنڊ آهي ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل لاءِ وڙهڻو پوندو۔يونس خاصخيلي جي جدوجهد رڳو لفظن تائين محدود نه رهي۔ هن عملي ڪم شروع ڪيو۔ هن "ماهيگير سماجي سنگت” جو بنياد وڌو، جنهن ذريعي ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو۔ ڳوٺن ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو۔ خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو ويو، ڇو ته يونس جو يقين هو ته جيڪڏهن نياڻيون پڙهنديون ته سڄي سماج جي تقدير بدلجي سگهي ٿي۔هن ڪيترين ئي نياڻين کي اسڪول تائين آندو، کين هنر سيکاريا، هٿ جي ڪم ذريعي کين خودمختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ سلائي، ڪڙهائي ۽ ٻين هنر ذريعي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ انهن ننڍين ڪوششن سان علائقي ۾ آهستي آهستي اميد جا ڏيئا ٻرڻ لڳا۔

يونس خاصخيلي مختلف اين جي اوز، سول سوسائٽي تنظيمن ۽ سماجي تحريڪن سان پڻ لاڳاپيل رهيو۔ هو سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس جي صفن ۾ به سرگرم رهيو، جتي هن سامونڊي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو۔ هن هر فورم تي پنهنجي ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو۔ ڪڏهن احتجاج، ڪڏهن گڏجاڻيون، ڪڏهن ميٽنگون، ته ڪڏهن ميڊيا ذريعي آواز اٿارڻ ـ هن جدوجهد جو ڪو لمحون خالي نه رهيو۔پر هي سڀ ڪجهه ايترو آسان نه هو۔ يونس کي رڪاوٽن جو به سامنا رهيو۔ کيس ڌمڪيون مليون، کيس نظرانداز ڪيو ويو، مالي تڪليفون آيون، غربت به آڏو آئي۔ ڪيترائي لمحا اهڙا به آيا جڏهن لڳو ته شايد هو ٿڪجي پوندو، مايوس ٿي ويندو، يا ويهي رهندو۔ پر يونس هر ڀيري ٻيهر اٿيو، ڇو ته سندس اندر پنهنجي ماڻهن لاءِ محبت ۽ ذميواريءَ جو جذبو زنده هو۔هن جدوجهد ۾ هڪ اهم ڪردار سندس جيون ساٿياڻي جو پڻ رهيو۔ جيڪڏهن سندس ساٿي ساڻس گڏ بکون نه ڪاٽي ها، اوجاڳا نه ڪري ها، پورهيا نه ڪري ها، ته شايد يونس جي جدوجهد ايتري مضبوط نه رهي ها۔ هن ڏکن ۾ ساٿ ڏنو، اميد ۾ ساٿ ڏنو، ۽ جدوجهد ۾ ڀرجهلو بڻجي بيٺي رهي۔ يونس پنهنجي ساٿي جي عزت ڪري ٿو، کيس پنهنجي طاقت سمجهي ٿو، ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته هر جدوجهد پٺيان ڪنهن نه ڪنهن جي خاموش قرباني هوندي آهي۔

اڄ يونس خاصخيلي رڳو هڪ فرد نه رهيو آهي، پر هڪ علامت بڻجي ويو آهي ـ جدوجهد جي علامت، اميد جي علامت، ۽ سامونڊي ماڻهن جي حقن جي آواز جي علامت۔ ريڙهي مياڻ جا ماڻهو اڄ به ڏکن ۾ آهن، مسئلا اڃان ختم نه ٿيا آهن، پر هاڻي انهن وٽ هڪ آواز آهي، هڪ اميد آهي، هڪ رستو آهي۔ان جدوجهد جي تسلسل ۾ عوامي پريس ڪلب ملير سندس عزت ۽ قدر ڪندي ساڻس ڪچهري رهاڻ جمعي ڏينهن شام 4 وڳي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس گهر ڀاتي، استاد، دوست ۽ سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا، جتي سندس جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ سامونڊي ماڻهن جي مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون۔ يونس خاصخيلي جي جدوجهد ٻڌائي ٿي ته جڏهن هڪ ماڻهو پنهنجي ماڻهن لاءِ بيهي ٿو، تڏهن تبديلي ممڪن ٿئي ٿي۔ هو اڃا به اڳتي وڌي رهيو آهي، سمنڊ جي لهرن سان جهيڙيندي، وقت جي طوفانن سان مقابلو ڪندي، ۽ پنهنجي ماڻهن جي مستقبل لاءِ اميد جا ڏيئا ٻاريندي۔ڇو ته هو ڄاڻي ٿو اسين ئي   جدوجهد جا مورڙا آهيون اسين لهرن کان نه ڊڄندا آهيون،اسين پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا رهنداسين،

جيستائين سمنڊ جي ڪنارن تي اميد جا سج نه اڀرن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.