ايران خلاف جنگ،عالمي سطح تي بي چيني،معيشت تي اثر

اسلام آباد(ثقلين مشتاق)آمريڪا جي جنگ شروع ٿي وئي آهي،ڪالهه صبح  ايران تي  اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي حملو ڪيو آهي۔ آمريڪي صدر جي تقرير بلڪل ائين لڳي رهي هئي ڄڻ ته اسرائيل جو ڪو ترجمان تقرير ڪري رهيو هجي۔آمريڪا جي سپر پاور جي تقرير نه هئي۔هاڻي وچ اوڀر هڪ انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي۔ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف گڏيل فوجي آپريشن شروع ڪري چڪا آهن، جنهن دوران ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪا ٿيا، جن ۾ دارالحڪومت تهران، اصفهان، قوم گرج، ۽ ڪرمانشاه شامل هئا۔ رپورٽن موجب حملا فضائي بمباري، ڪروز ميزائلز ۽ ٻين ممڪن آپريشنز تي مشتمل هئا۔آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته آمريڪا ايران کي ڪڏهن به نيوڪلر پاور بڻجڻ نه ڏيندو، جڏهن ته ايران ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ان جو ڪو ارادو ناهي۔اسرائيل پاران هن آپريشن جو نالو “آپريشن لائنز رور” رکيو ويو آهي، جڏهن ته بعض آمريڪي ذريعن موجب “آپريشن اپڪ فيوري” يا “شيلڊ آف جوڙائي” به چيو ويو آهي۔ هي ڪارروائي ڪيترن مهينن جي منصوبابندي بعد ڪئي وئي، ۽ اسرائيلي فضائيه ۽ آمريڪي فوجي اثاثا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن۔آمريڪا ۽ اسرائيل جو موقف آهي ته هي حملا ايران جي ميزائل ۽ فوجي نظام کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيا ويا آهن. واشنگٽن موجب ايران جا ميزائل ۽ نيوڪلر پروگرام خطي لاءِ خطرو آهن، ۽ صدر ٽرمپ اڳ ۾ چيو هو ته ايران کي نيوڪليئر طاقت بڻجڻ کان روڪڻ ضروري آهي۔ ايران به جواب ۾ ميزائل فائر ڪيا آهن، جن مان اتر اسرائيل تي ڌيان ڏنو ويو آهي، خاص ڪري تيل جي انفراسٽرڪچر تي اثر وجهڻ لاءِ۔ ايران جو موقف آهي ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کي هن ڪارروائي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي۔اسرائيل ۾ به هنگامي حالتون نافذ ڪيون ويون آهن، اسڪول ۽ سرڪاري آفيسون بند ڪيون ويون آهن، ۽ فضائي دفاعي نظام مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي۔عالمي سطح تي صورتحال تي ڳڻتي وڌي آهي، ڪيترن ملڪن ۽ بين الاقوامي ادارن آمريڪا ۽ اسرائيل کي صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺڻ، ۽ تڪرار کي گهٽائڻ جي اپيل ڪئي آهي۔ جنگ جا اثر صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا ۽ عالمي معيشيت تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، خاص ڪري آئل مارڪيٽ تي.

اسرائيل جي ايران تي حملي جي عالمي برادري نوٽيس وٺي:بلاول ڀٽو

ڪراچي (پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل حملي جي مذمت ڪئي آهي، بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پريس رليز موجب، پي پي پي چيئرمين ايران خلاف اسرائيلي جارحيت کي علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو آهي، هن چيو ته غزا تي پنهنجن ظلمن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اسرائيل ايران تي بزدل حملو ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته اسرائيل طرفان ايران جي خودمختياري ۽ سالميت جي کلي ڀڃڪڙي تي عالمي برادري نوٽيس وٺي، گڏيل قومون  ۽ اسلامي تعاون تنظيم ايران خلاف اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن.

پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان رابطو، سفارتي رابطا شروع ڪرڻ تي زور

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس  عراقچي وچ ۾ رابطو ٿيو جنهن ۾ ڇڪتاڻ کي فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي رابطن تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس موجب، ٽيليفونڪ رابطي دوران ڳالهين ۾ ايران ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اسحاق ڊار ايران خلاف بنا جواز حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڇڪتاڻ کي فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي رابطا شروع ڪيا وڃن، جڏهن ته بحران جي پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل لاءِ فوري سفارتي رابطا ضروري آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان ڳالهايو. ٻنهي خطي ۾ امن استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو، ڌرين تبديل ٿيندڙ صورتحال تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

نار وارين رياستن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي قبول ناهي: سعودي عرب

رياض (م ڊ) سعودي عرب نار ۽ علائقائي ملڪن جي خودمختياري جي مبينا ايراني ڀڃڪڙين  جي مذمت ڪئي. سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته گڏيل عرب امارتن، بحرين، قطر، ڪويت ۽ اردن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي قبول ناهي، انهن ملڪن سان ايڪي جو اظهار ڪيون ٿا، واضح ڪيون ٿا ته مملڪت انهن طرفان ڪنهن به قانوني ۽ دفاعي قدم جي حمايت ڪندي.  ڀڃڪڙين جا ڳنڀير نتيجا نڪري سگهن ٿا جنهن سان امن کي خطرو آهي. سعودي عرب عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي ايراني اپائن جي مذمت ڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ ڀڃڪڙين جي ازالي لاءِ قدم کڻن.  گڏيل عرب امارات ايراني حملن ۾ فوت ٿيل پاڪستاني شهري جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شهرين ۽ ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ هر صورت مذمت جوڳو آهي.

ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي جي سيڪيورٽي  وڌيڪ سخت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت، مسافرن کي وقت کان اڳ اچڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن موجب رينجرز، پوليس ۽ اي ايس ايف جا اضافي دستا ايئرپورٽ جي حدن سان لاڳاپيل روڊن تي مقرر ڪيا ويندا، ذريعن ٻڌايو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي رڳو مسافرن کي وڃڻ جي  اجازت هوندي، جڏهن ته انتظاميا پاران بنا ضرورت ايئرپورٽ اچڻ وارن کي پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي هيڊڪوارٽر، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي هيڊڪوارٽرز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن ڪالوني ۾ ملازمن ۽ رهواسين کان سواءِ گاڏين کي داخلا جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته پي آءِ اي ٽائون شپ واري روڊ تان ايئرپورٽ، پي آءِ اي هيڊ آفيس ۽ پي اي هيڊڪوارٽرز ڏانهن وڃڻ جي به اجازت نه هوندي.

حساس ڄاڻ ليڪ ڪرڻ جو الزام، 4 سرڪاري ملازمن کي سزائون

اسلام آباد (بيورو) اسپيشل ڪورٽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ حساس ڄاڻ ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 4 سرڪاري ملازمن کي سزائون ٻڌايون، جڏهن ته 2 ڄڻن کي بري ڪيو ويو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج طاهر عباس  سپرا ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن موجب جوابدار صفدر الرحمان کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته جوابدارن تفضيل الرحمان، محمد وقار ۽ محمد طاهر کي 5، 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، عدالت جوادبارن مجتبيٰ ۽ محمد اشفاق کي ثبوتن جي کوٽ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ايف آءِ اي سرڪاري ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ جوابدارن تي حساس ڄاڻ غير ملڪي سفارتخاني کي فراهم ڪرڻ جو الزام هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.