خامنه اي خيريت سان آهي:ايران

تهران(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي وڏي پيماني تي فضائي حملن کان پوءِ ايراني سپريم ليڊرعلي خامنه اي جي موجودگي بابت سوال اٿڻ لڳا آهن۔بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب تهران ۾ ٿيل حملن دوران شروعاتي ڌماڪن مان هڪ خامنه اي جي آفيس جي ويجهو پڻ رپورٽ ڪيو ويو۔خابرو اداري رائٽرز موجب هڪ ذريعي ٻڌايو آهي ته حملي وقت  خامنه اي تهران ۾ موجود نه هئا ۽ کين اڳ ئي هڪ محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو هو، پر سندن موجوده جڳهه يا منتقلي جي وقت بابت تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويا۔واضح رهي ته آمريڪي صدرٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ٻئي پاسي ايران اسرائيل تي جوابي ميزائل حملو پڻ ڪري ڇڏيو آهي۔صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽفارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيل اٺ منٽن جي وڊيو ۾ چيو ته هن آپريشن جو مقصد آمريڪي عوام ۽ مفادن کي “ايراني حڪومت جي فوري خطرن” کان بچائڻ آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.