اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته ايران پاران سعودي عرب تي حملو تمام وڏو بلنڊر آهي،تازو چين جي ڪوششن سان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٺاهه ٿيو هو،ان ۾ پاڪستان جو به ڪردار آهي،سعودي عرب ۾ رڳو محدود انگ ۾ آمريڪي فوجي ترسيل آهن،انهن تي حملو ڪرڻ پاڪستان کي امتحان ۾ وجهڻ برابر آهي،پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ دفاعي معاهدو ٿيل آهي،هن چيو ته ايران اهو غلط ڪيو،ان صورتحال ۾ ڪاوڙ بدران حڪمت کان ڪم وٺڻ گهرجي،هن صورتحال ۾ مسلم دنيا ۾ ايران کي پنهنجا اتحادي بڻائڻ گهرجي پر هن هڪ اهم ملڪ سعودي عرب کي پنهنجي خلاف بيهاري ڇڏيو آهي،