بيجنگ/ماسڪو/ابو ظهبي/دوحا (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ويجهي ساٿي، روسي سلامتي ڪائونسل جي نائب چيئرمين دمتري ميدويديف الزام هنيو آهي ته آمريڪا ايران سان ايٽمي ڳالهين کي فوجي ڪارروائي جي تياري لاءِ پردي طور استعمال ڪيو. امن جي دعويٰ ڪندڙن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اصل رنگ ڏيکاري ڇڏيو آهي. ايران سان ڳالهيون دراصل هڪ ڪور آپريشن هيون ۽ ڪنهن کي به ان تي شڪ نه هو. حقيقت ۾ ڪنهن ڌر جي سنجيده معاهدي جي نيت ئي نه هئي. چين، ايران امريڪا ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کان فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي وزارت زور ڏنو ته ايران جي قومي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قسم جي اڳرائي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي. چين زور ڏنو ته ڳالهين ذريعي اختلاف حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. عمان ايران خلاف اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجي ڪاررواين تي افسوس جو اظهار ڪيو. بادشاهت جي جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. فرانس ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. يو اي اي علائقائي ملڪن کي نشانو بڻائڻ وارن ايراني ميزائلن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان کي قومي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ۽ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي ڀڃڪڙي سمجهون ٿا. گڏيل عرب امارتن صبر، سفارتي حل ۽ سنجيده ڳالهين واري پنهنجي مطالبي کي ورجايو. قطر ۽ سعودي عرب ڇڪتاڻ فوري ختم ڪرڻ تي زور ڏنو. فرانسيسي صدر ميڪرون چيو ته قومي سلامتي ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ضرورت پوڻ تي ويجهن اتحادين جي دفاع لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ايراني حڪومت ظلمن سبب نااهل ٿي چڪي آهي ۽ مستقبل جو فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏنو وڃي. يوڪريني پرڏيهي وزير اينڊري سيبيها طرفان چيو ويو ته يوڪرين ايراني عوام سان گڏ بيٺو آهي ۽ ايران ۾ سياسي تبديلي جي حمايت جاري رکندو.