حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھفتو اڳ جهيڙي دوران سخت زخمي ٿيل 20 ورهين جو نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، وارثن لاش سان گڏ اسلام آباد ڦاٽڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد گجراتي پاڙي، اسلام آباد ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان 21 فيبروري تي پنجابي برادري سان واسطو رکندڙ ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران 20 ورهين جو شاهه فيصل آرائين ولد محمد وڪيل سخت زخمي ٿيو هو، وارثن پوليس کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ کيس طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان کيس هڪ ڏينهن اڳ ئي موڪل ڏني وئي هئي، گذريل رات شاهه فيصل جي طبيعت اوچتو ٻيهر خراب ٿي وئي، جنهن بعد کيس اسرا يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو ڪالهه صبح جو فوت ٿي ويو، نوجوان جي وفات کانپوءِ وارثن سندس لاش سان گڏ اسلام آباد ڦاٽڪ تي احتجاج ڪندي ريلوي ٽريڪ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، وارثن قتل ۾ ملوث جوابدار جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو، مقتول جي والد وڪيل آرائين الزام ھنيو ته سندس پٽ کي گجراتي پاڙي جي رهواسي سلمان نالي شخص هڪ ڇوڪري سان محبت جي تڪرار تي قتل ڪيو آهي کيس فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.