رائونتي ڪچي جي وڌيڪ 12 ڏوهارين گرفتاري ڏئي ڇڏي

رائونتي (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو) رائونتي جي ڪچي ۾ نجات مھراڻ  آپريشن کان پوءِ ڌاڙيلن جي پيش پوڻ جو سلسلو  جاري آهي، رائونتي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن ۾ تيزي، ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کيتران آڏو وڌيڪ 12 روپوش جوابدارن هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي، قيصر ڌونڌو، بلاول ڌونڌو، قائم ڌونڌو، عبدالرزاق سيلرو سانوڻ سيلرو ۽ قبول سيلرو سميت 12 ڄڻن ھٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿي ويا جن تي قتل ڪيس ۽ پوليس مقابلن سميت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھوٽڪي پوليس کي گھربل ھا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.