اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان عباس عراقچي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
جاري ڪيل بيان موجب، اسحاق ڊار ايران خلاف بنا جواز حملن جي سخت مذمت ڪندي فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحران جو پُرامن حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڳوليو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ فوري طور سفارتي عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي.