نوشهروفيروز ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال ڪُهي قتل

نوشھرو فيروز/ ڀرياسٽي (رپورٽ: ايم ظفر تڳر/ مجيد ڪيريو) نوشھرو فيروز اسٽيشن روڊ سي آءِ اي سينٽر پٺيان مڙس غلام محمد چانڊيو گھرو اڻبنت تان پنھنجي  زال صنم سولنگيءَ کي هٿ ٻڌي ڇري  سان ڳلو ڪپي قتل ڪري هڪ ٻار کڻي فرار ٿي ويو، پاڙي وارن پوليس ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو، مقتولڻ جي وارثن واقعي خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، صنم جي پيءُ علي اڪبر سولنگي ۽ امڙفريده سولنگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھه وقت اڳ ڇوڪري کي ساهرن ڪڍي ڇڏيو هو، سال کان پوءِ وري اسان غلام محمد کي گھرائي چيو ته ابا تون پنھنجا ٻار ۽ گھر واري کي سنڀال پوءِ ھنن کي نوشھرو فيروز ۾ جڳھه مسواڙ تي وٺي ڏني جتي رھندا ھئا رات جوابدار اسان سان ظلم ڪري اسان جي نياڻي کي بي درديءَ سان ڪُهي قتل ڪري ٻار کڻي ڀڄي ويو آهي، اسان جو مطالبو آھي ته نياڻي جي قاتل غلام محمد چانڊيو کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان لاش دفن نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.