واٽر ڪارپوريشن جي رٽائرڊ آفيسر کي رهتون نه مليون، فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪارپوريشن جي رٽائرڊ آفيسر زاهد خان جي رهتن جي عدم ادائگي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين جي دليلن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سرڪاري وڪيل چيو ته درخواست گذار جي سروس  بڪ ۾ الڳ الڳ تاريخون آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته سروس بڪ درخواست گذار جي تحويل ۾ هو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 2024 ۾ هو رٽائر ٿيو، سرڪاري وڪيل چيو ته سروس بڪ ۾ داخل پيدائش جي تاريخ کان وٺي، 2022 ۾ رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿي چڪي آهي، عدالت چيو ته توهان جي رڪارڊ موجب توهان جي ننڍي عمر جي ڪري نوڪري لاءِ اهل نه هئا، عدالت چيو ته ڪيئن ٿيو؟ ڇا توهان کي نوڪري تڏهن ملي جڏهن توهان ارڙنهن سالن کان گهٽ عمر جا هئا؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.