عوام لاءِ رمضان مهيني ۾ ”تحفو“بجلي 1.78 رپيا مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(رپورٽر) نيپرا ڪراچي سميت ملڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 1.78 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) پاران ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي تحت واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي کان پوءِ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 1.78 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. نيپرا عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪو به فيصلو حڪومتي پاليسي جي هدايتن مطابق ڪيو ويندو، اهو ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.