اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي عمودي ورڇ تي نظرثاني غور هيٺ ناهي،عمودي ورڇ کي آئيني تحفظ حاصل آهي،ڇو ته اها صوبائي خومختياري جي ضامن آهي،هن چيو ته اسان جون ڳالهيون اين ايف سي جي افقي ورڇ تي آهن ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪيئن يقيني بڻائي وڃي،اسلام آباد ۾ فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته وفاقي ٽيڪس اوڳاڙيون تقريبن 14 هزار ارب رپيا،نان ٽيڪس اوڳاڙيون 5 هزار ارب رپيا آهن،هن چيو ته 8200 ارب رپيا اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي منتقل ٿي وڃن ٿا،وفاقي حڪومت وٽ تقريبن 11.07 هزار ارب رپين جي مالي گنجائش رهجي وڃي ٿي،هن چيو ته وفاقي مجموعي خرچ تقريبن 17.5 هزار ارب رپين تائين پهچي ويا آهن،50 سيڪڙو وفاقي خرچ قرضن جي ادائيگي ۽ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو دفاع تي خرچ ٿين ٿا،هن چيو ته وفاق کي پينشن،پگهارن،انتظامي خرچن،ترقياتي منصوبن،گرانٽس ۽ سماجي تحفظ لاءِ قرض وٺڻو پوندو آهي،هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ سماجي ڀلائي صوبائي دائري ۾ اچي چڪي آهي،وفاق اڃا به قومي سطح جي وڏن سماجي تحفظ پروگرامن جي مالي ذميواري کڻي رهيو آهي،بي آءِ ايس پي تي ساليانو 716 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا،آزاد ڄمون ڪشمير،گلگت بلتستان۽ اسلام آباد جون مالي ذميواريون به وفاق تي آهن،ذميوارين ۽ وسيلن وچ ۾ بهتر هم آهنگي اڻٽر آهي،هن چيو ته صوبائي ترقياتي بجيٽ تقريبن 3 ٽريلين رپيا ساليانو تائين پهچي چڪو آهي،وفاقي پبلڪ سيڪٽر ترقياتي پروگرام سڪڙجي تقريبن هڪ هزار ارب رپيا رهجي ويو آهي،هن چيو ته اسان جا آئنده رهتون تقريبن 11 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪيون آهن،هن چيو ته منهنجي نظر ۾ سٺي حڪمراني جو اصل معيار ان جا نتيجا هوندا آهن.ڇا اها ميرٽ تي ٻڌل آهي؟ ڇا اها شفاف آهي؟ ڇا اها واقعي عوام تي مرڪوز آهي؟منهنجو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي ڏيواليه ٿيڻ جي ڪناري تان ڪڍي دنيا لاءِ هڪ معاشي مثال بڻائي ڇڏيو آهي،اڄ اسان رڳو ڳالهه ٻولهه تائين محدود نه رهياسين، پر عملي سڌارن ڏانهن اڳتي وڌياسين. حڪمراني ۾ تبديلي هاڻي صرف هڪ تصور نه رهي آهي، بلڪه اها هڪ جاري حقيقت بڻجي چڪي آهي.هن چيو ته ادارتي مضبوطي ۽ سياسي استحڪام قومي ترقي جا بنيادي ٿنڀا آهن. اسان بااختيار بلدياتي نظام تي زور ڏنو حقيقي خدمتن جي فراهمي هيٺين سطح تائين پهچڻ گهرجي ،هن چيو ته جيڪڏهن اسين پنهنجي انساني سرمايي کي مسلسل نظرانداز ڪندا رهنداسين ته جدت ۽ مقابلي جي هن جديد دور ۾ پنهنجو مستقبل ڪيئن محفوظ بڻائي سگهنداسين؟ 40سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ سبب نشونما جي گهٽتائي (اسٽنٽنگ) جو شڪار آهن جيڪا سندن ذهني ۽ جسماني صلاحيتن لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙا ٻار مستقبل ۾ مڪمل ڪارڪردگي نٿا ڏيکاري سگهن، جنهن سان قومي پيداوار ۽ ترقي متاثر ٿئي ٿي، 2 ڪروڙ 50 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ، تعليم کان محرومي غربت جي دائري کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي.ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح صرف 10 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پائيدار ترقي لاءِ ان کي گهٽ ۾ گهٽ 16 کان 18 سيڪڙو تائين آڻڻ ضروري آهي،سرڪاري ادارن جا خسارا قومي معيشت تي وڏو بار بڻجي ويا آهن،هن چيو ته روايتي حڪمراني جو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي ضرورت آهي اهڙي حڪمراني جي جيڪا نتيجا ڏئي،جيڪا عوام تي سيڙپڪاري ڪري،۽ جيڪا پاڪستان جي مستقبل کي هڪ مقابلي واري ۽ جدت تي ٻڌل دنيا ۾ محفوظ بڻائي.