برطانوي پارليامينٽ ۾ عمران خان جو پڙاڏو

اسلام آباد(اطهر ڪاظمي+اسد طور) عمران خان جي قيد ۽ سزائن تي عالمي سطح تي بحث جاري آهي. برطانوي پارليامينٽ ۾ واضح چيو ويو ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جمهوريت کانسواءِ سيڙپڪاري به نه ايندي.ڪيترن برطانوي ميمبرن چيو ته عمران خان کي ان ڪري جيل ۾ وڌو ويو، ڇاڪاڻ ته هو چونڊون کٽي چڪو هو. نين آزاد چونڊن کانسواءِ جمهوريت بحال نه ٿيندي.انهي دوران آصف علي زرداري ۽ سندس خاندان جي بيانن ۾ به سختي نظر اچي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري بابت چيو پيو  وڃي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا معاملا ٺيڪ ٿي ويا ته بلاول لاءِ وزيراعظم بڻجڻ ڏکيو ٿي ويندو.پاڪستان تحريڪ انصاف تي هاڻي ڀارت، اسرائيل، ٽي ٽي پي ۽ ٻين سان ڳنڍڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن، جن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ خاص طور بختاور ڀٽو زرداري  توثيق ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي، عمران خان جا ڪيس اوچتو ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ لڳا آهن القادر ٽرسٽ ڪيس،توشه خانه ڪيس ٻيون پي ٽي آءِ جون اپيلون، جيڪي مهينن کان التوا ۾ هيون، اوچتو فڪس ٿيڻ لڳيون آهن. اهو سڀ ڪجهه هوا جي رخ بدلجڻ جي نشاني لڳي ٿو.اهڙو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اسٽيبلشمينٽ پاڻ سان چئي رهي هجي ”اسان سڀ ڪجهه آزمائي ڏٺوجيل، ڪيس، پروپيگنڊاپر هي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. نه سياست ۾ عمران خان کي شڪست ڏئي سگهيا، نه سندس بيانيي جو مقابلو ڪري سگهيا، نه معيشت هلائي سگهيا.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.