ڪشمور پوليس جو آپريشن، ڊرون حملا، نينگر سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪشمور(ڊر)ڪشمور پوليس گذريل رات مبينا ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو ڳوٺ قمر الدين مزاري ۾ ڪشمور پوليس ڊرون ذريعي ڪارروائي ڪئي پوليس ڪارروائي دوران ھڪ نينگر سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل نينگر قادر بخش مزاري جي وارثن جو پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاج، ڳوٺ قمر دين مزاري ۾ پوليس جي ڊرون آپريشن دوران نينگر سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا، چار زخمي ٿيا  زخمين کي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو مارجي ويلن ۾ نينگر قادر بخش مزاري، گلزار مزاري ياسين مزاري شامل آهن، جڏهن ته چار زخمين ۾ خادم حسين مزاري ، غلام حسين مزاري بيورڪ مزاري،شيرپوا مزاري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪشمور ٿاڻي جي پوليس ملڪ لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران ڏوهارين ڪشمور پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ دوران ڏوهاري رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيا ڏوهارين خلاف آپريشن ٿيو، ڏوهاري ڳوٺ قمر الدين مزاري وٽ پھتا جتي ڏوهارين بدنام ڏوهاري غلام حسين مزاري جي اوطاق تي پناهه ورتي پوليس جي ڪارروائي دوران ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي ڪارروائي دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا بدنام ڌاڙيل غلام حسين مزاري سخت زخمي ٿي پيو آهي مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ياسين مزاري، گلزار مزاري طور ڪئي وئي، مارجي ويل ڏوهاري ڦر قتل سميت مختلف ٿاڻن تي سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا پوليس ڪاروائي دوران مارجي ويل نينگر قادر بخش مزاري جي وارثن پريس ڪلب ڪشمور پھچي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيندي چيو ته پوليس ڳوٺ قمر الدين مزاري ۾ رھواسين مٿان مارٽر گولا فائر ڪري نينگر قادر بخش مزاري کي ناحق ماريو آهي، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.