زبيدا گهانگهرو واقعي تي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻن، عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو سکر ۾ ڊاڪٽرن جي غلط آپريشن سبب فوت ٿيل انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ سينيئر سياسي اڳواڻ زبيده گهانگهرو جي وارثن ۽ سندس سياسي ۽ سماجي ساٿين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالون هجن يا تعليمي ادارا انهن لاءِ انسانيت کان وڌيڪ پئسو ڪمائڻ اهم بڻجي ويو آهي، زبيده گهانگهرو جو غلط علاج ڪري کيس موت جي منهن ۾ موڪليو ويو، ان ڏوهه ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث آهن انهن تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.