اسلام آباد مان اغوا ڄاڻايل بلوچ شاگرد آزاد

اسلام آباد(ع آ نيوز رپورٽ) اسلام آباد مان اغوا ٿيل بلوچ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر کي آزاد ڪيو ويو. بلوچ شاگردن جي تنظيم ‘بلوچ اسٽوڊنٽس ڪائونسل’ هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ان جو اڳوڻو ميمبر نبيل ارمان، جنهن کي ڪالهه اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو  هو، واپس اچي ويو آهي. ناظم الزام لڳايو هو ته نبيل ارمان کي اربع جي شام وفاقي گادي واري شهر جي سيڪٽر جي-7 مان سادا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهن اغوا ڪيو هو.بهرحال، اسلام آباد پوليس جي ترجمان اهڙي واقعي کان اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو. تنظيم پاران جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن نبيل وفاقي گادي واري شهر ۾ هڪ خانگي آفيس ۾ هو.تنظيم موجب، ‘سادا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهو آفيس ۾ آيا ۽ نبيل کي پڇا ڳاڇا لاءِ هڪ طرف کڻي ويا  .اسلام آباد ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي هڪ ميمبر بي بي سي کي ٻڌايو ته انهن نبيل جي گمشدگي بابت آبپارا پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪئي هئي، پر پوليس انهن کي ان جي ڪا رسيد نه ڏني هئي. بهرحال، اسلام آباد پوليس جي ترجمان بي بي سي سان ڳالهائيندي انهن دعوائن کي رد ڪيو. پوليس ترجمان چيو ته پوليس کي اهڙي ڪنهن به واقعي جي خبر نه هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.