گل پلازا سانحو، اکين ڏٺن شاهدن ريسڪيو جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي بابت جوڙيل جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اکين ڏٺن شاهد ريسڪيو جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا، اکين ڏٺن شاهدن چيو ته جيڪڏهن سامان وقت تي موجود هجي ها ته ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهجن پيون،گل پلازا سانحي ڪميشن جو چوٿون اجلاس جسٽس آغا فيصل جي صدارت هيٺ ٿيو، متاثر زخمين مان ڇهن ماڻهن کي ڪميشن ۾ طلب ڪيو ويو، متاثرن مان صرف هڪ آيو، سيد عبدالله ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو، ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته گل پلازا ۾ واقعو پيش آيو ته توهان ڇا ڏٺو؟ سيد عبدالله چيو ته مان رات 10 وڳي گل پلازا شاپنگ لاءِ ويو هيس، مان ميزانائن فلور تي شاپنگ ڪري رهيو هيس، اوچتو روشني هلي وئي، دڪاندارن چيو ته پريشان نه ٿيو، مٿئين منزل تي باهه لڳي آهي، مان ۽ ٻيا ماڻهو ميز نائن فلور تي ان جاءِ تي پهتاسين جتي هڪ ننڍڙو گيٽ هو، اهو بند هو، اسان تالا ٽوڙيو ۽ گيٽ کوليو، جسٽس آغا فيصل چيو ته توهان پلازا جي ڪهڙي گيٽ مان نڪتا؟ عبدالله چيو ته مان ايم اي جناح پاسي کان ٻاهر نڪتس، اکين ڏٺي شاهد دانش علي چيو ته مان خانگي شعبي ۾ فائر سيفٽي جو ڪم ڪندو آهيان، 10.20تي مان گل پلازا مان گذري رهيو هيس ته مون عمارت ۾ باهه ڏٺي،مون ڏٺو ته گل پلازا ۾ باهه لڳي رهي هئي،پهرين فائر برگيڊ گاڏي 10:30 تي پهتي، مون فائر برگيڊ والن کي چيو ته مان فائر ٽرينر آهيان، مون کي سامان ڏيو، مان ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، پهرين منزل تي ڏاڪڻين ذريعي ويس، ان وقت ايڌي جو آفيسر مون سان گڏ هو، دانش چيو ته ٻئي ۽ ٽئين منزل تائين اٺ ماڻهن کي بچايو، ڪميشن چيو ته بجلي بند هجڻ ڪري بچاءُ جو ڪم متاثر ٿيو، دانش چيو ته بجلي بند نه ڪرڻ گهرجن ها ڇو ته بجلي جي جھٽڪي سان مرڻ بهتر هو، ماڻهو پهريان دونھين ۽ پوءِ باهه جي گرمي ۽ ساهه ٻوساٽڻ سبب مري ويا.عمارت ۾ داخل ٿي اڌ ڪلاڪ تائين بچايو وڃي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.