ڪراچي (پ ر)سکر جي رور سٽي (River City) اسپتال ۾ مبينا طور ڊاڪٽرن جي غفلت سبب نامور سماجي ورڪر ۽ هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي سينيئر وائيس چيئرپرسن زبيده گهانگهرو جي لاڏاڻو ڪري وئي . وارثن ۽ ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ادي زبيده گهانگهرو جو ڊاڪٽر رفيق ميمڻ ليپروسڪوپي (ليپڪولي) آپريشن ڪيو ويو، جيڪو درست طريقي سان نه ڪيو ويو، جنهن سبب سندن طبيعت اوچتو بگڙي وئي ۽ هوءَ حياتي وڃائي ويٺي وارثن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ طبي غفلت ثابت ٿئي ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي خاندان جي فردن جو چوڻ آهي ته هو هن معاملي کي سنجيدگي سان کڻندا ۽ انصاف لاءِ هر قانوني واٽ اختيار ڪندا. هنن صحت کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي حقيقتون سامهون آنديون وڃن سماجي، سياسي ۽ انساني حقن واري حلقن پڻ واقعي تي ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته طبي غفلت جو عنصر موجود آهي ته ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي،ٻئي پاسي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ سٿ ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو سان سندس ڀيڻ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي