ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد وچ ۾ اهم اجلاس اندر اتفاق ڪيو ويو۔ وفد جي قيادت ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ڪري رهيون هيون۔ ٻنهي پاسن کان صوبي ۾ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ ترجيحي ٽرانسپورٽ منصوبنتي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ ڪراچي کي درپيش سفري مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي صوبائي حڪومت جي فليگ شپ ترجيح آهي۔ هن چيو ته ميگاسٽي ڪراچي کي فوري طور تي ڪي سي آر جي ضرورت آهي ته جيئن اها مختلف بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) لائينز لاءِ فيڊر جو ڪردار ادا ڪري ۽ شهر جي ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل ۾ مدد ڏئي۔ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر اصولي طور تي ڪي سي آر منصوبي سان اتفاق ڪيو ۽ صوبائي حڪومت کي صلاح ڏني ته ضروري دستاويز جمع ڪرايا وڃن ته جيئن منصوبو منظوري لاءِ بينڪ جي بورڊ آڏو پيش ڪري سگهجي۔ اجلاس ۾ سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي جاري منصوبياتي پورٽ فوليو جو جائزو پڻ ورتو ويو ۽ 2026 کان 2029 تائين تقريباً ٽي ارب آمريڪي ڊالر جي تجويز ڪيل ترقياتي پائيپ لائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، شهري ترقي، صحت، تعليم، پاڻي، ديهي ترقي ۽ ماحولياتي استحڪام جا شعبا شامل آهن،اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس سروس ۾ اضافو ۽ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ پائيدار سفري فريم ورڪ تحت هن سروس جي شروعات تي پڻ غور ڪيو ويو