پ پ پاران ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ ختم ڪرڻ جي مخالفت

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو وفاقي حڪومت پاران 1974ع کان قائم ٿيل ڪراچي ڊاڪ ليبربورڊ جي اداري کي ختم ڪرڻ واري تجويز ڪيل منصوبي جي سخت مخالفت ڪندي وفاقي حڪومت جي ان عمل کي مزدور دشمن قرار ڏيندي چيو آھي ته  وفاق جي اھڙي قدم کڻڻ سان 2600 رجسٽرڊ ڊاڪ مزدور بي روزگار ٿي ويندا۔ اھڙن خيالن جو اظھار ھن اربع ڏينھن پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ڪيو آھي۔ ھن چيو آھي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ کي ختم ڪرڻ واري وفاق جي ان منصوبي جي خلاف ليبر يونينز جي جوائنٽ الائنس جي احتجاجي تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪري ٿي ۽ اسين مزدورن جي جدوجھد ۾ ساڻن گڏ آھيون۔ ٻئي طرف ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ جي مزدور يونينز جي اڳواڻن ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن احمد سعيد جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو سان سندس رهائشگاه تي ملاقات ڪري حمايت جي اپيل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.