ڊرونز سرويلنس يونٽ قائم ڪيو وڃي: ضيا لنجار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ صوبي جي امن امان جي مجموعي صورتحال بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سميت لاڳاپيل اعليٰ پوليس ۽ سيڪيورٽيآفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ جي گھرو وزير کي موجوده سيڪيورٽي حالتن، امڪاني خدشن ۽ جاري قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سيڪيورٽي پلان تي ٻڌل حڪمتِ عملي ۽ بچاءَ بابت قدمن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. گھرو وزير هدايت ڪئي ته بارڊر علائقن ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ انٽيليجنس رپورٽن (IR) کي بامقصد ۽ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ انهن رپورٽن جي بنياد تي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حڪمتِ عملي تيار ڪئي وڃي. هن پابندي هيٺ آيل تنظيمن، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ جامع لائحهِ عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حساس جاين سميت سڀني اهم هنڌن جي سيڪيورٽي غيرمعمولي سطح تائين يقيني بڻائي وڃي. گھرو وزير امڪاني دهشتگرد حملن کي نظر ۾ رکندي اندروني ۽ بيروني رستن کي مڪمل طور محفوظ بڻائڻ، مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي انتظاميه سان صلاح مشوري ذريعي فول پروف بڻائڻ تي زور ڏنو. هن واضح ڪيو ته آفيسر صرف آفيسن تائين محدود نه رهن، پر ميدان ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائن هن ڪراچي جي امڪاني حساس علائقن ۾ ضرورت پوڻ تي ڊرون سرويلنس جي استعمال ۽ ان مقصد لاءِ الڳ ڊرون يونٽ قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏني

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.