راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ هٿياربندن ابابيل پوليس فورس جي گشت ڪندڙ پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چار اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته خار جي علائقي نوي ڪلي ۾ ابابيل پوليس فورس جي اسڪواڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ايس ايڇ او گل زاده ٻڌايو ته پوليس پارٽي افطاري وقت سيڪيورٽي گشت تي موجود هئي، حملي ۽ فائرنگ سبب 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڊيوٽي دوران اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن اختيارين کي به هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن واضح ڪيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون پوليس جي عزم ۽ حوصلي کي هرگز ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، صوبي جي حڪومت شهيدن جي وارثن سان مڪمل ٻڌي سان گڏ بيٺل آهي، سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف ڪارروايون ڪندي 34 خارجين کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز انٽيلجنس بنيادن تي ڪارروائيون تيز ڪيون آهن، خيبر پختونخواهه ۾ 4 مقابلن ۾ 26 دهشت گرد مارجي ويا، اهي خارجي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان سلهاڙيل هئا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حسن خيل اتر وزيرستان ڀرسان سرحد پار دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، سيڪيورٽي فورسز درانداز گروهه کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ هڪ خارجي مارجي ويو، جيڪو افغان شهري هو، لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 3 خارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته بنون جي علائقي نرمي خيل ۾ ٻن جهڙپن دوران 10 خارجين ۽ مير علي اتر وزيرستان ۾ 12 خارجين کي ماريو ويو، آءِ ايس پي آر موجب سمبازا زوب بلوچستان ۾ جهڙپ دوران فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد ماريا ويا.