پنجاب ۾ ڪاموراشاهي ۽ اشرافيه جون عياشيون، سول نافرماني کان ڊڄو:عوامي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پنجاب حڪومت پاران هڪ لگزري جهاز خريد ڪرڻ بابت بحث اڃا تائين جاري آهي، ۽ اهو سوال اُٿاريو پيو وڃي ته ڇا هي جهاز مريم نواز لاءِ خريد ڪيو ويو آهي يا “ايئر پنجاب” منصوبي لاءِ؟گذريل ڏينهن ۾ هن معاملي تي ٻن سرڪاري شخصيتن پاران وضاحت پيش ڪئي وئي، جنهن سبب اهو سوال وڌيڪ نمايان ٿيو آهي۔ان کان اڳ پاڪستان ۾ پنجاب حڪومت پاران مهانگو جهاز خريد ڪرڻ جي خبرن کي ان وقت وڌيڪ هٿي ملي، جڏهن هن معاملي تي حڪومت جو باضابطه موقف سامهون آيو،صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري چيو هو ته هي “ايئر پنجاب” ٺاهڻ جي منصوبي جي هڪ ڪڙي آهي،بي بي سي موجب هڪ سرڪاري عملدار ٻڌايو  ته هي جهاز گلف اسٽريم جي فائيو هنڊريڊ آهي جنهن جو ماڊل 2019ع آهي، ان جي ملڪيت هن وقت تائين پرائيوٽ آهي، هن چيو ته هي جهاز اڃا تائين پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ناهي ڪيو ويو، اهو جهاز گذريل سال 28 ڊسمبر جي رات لاهور پهتو هو،دستاويزن مطابق هن جهاز تازو 6 فيبروري کان مقامي طور اڏامون شروع ڪيون آهن، صحافي ارشاد ڀٽي ٽوئيٽ ڪيو ته مريم نواز لاءِ 11 ارب رپين جو جهاز ورتو ويو آهي،هن وي آءِ پي جهاز جي مينٽيننس تي 497.8 ملين رپيا خرچ ايندو،هن جهاز جو ساليانو خرچ ساڍا 86ڪروڙ هوندو،اينڪر محمد مالڪ پنجاب حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته اها ڊيل ڇو لڪائي وئي،جهاز جي خريداري جو عمل ڪهڙو هو؟جڏهن اربين رپين جو جهاز خريديو ٿا ته ڪميشن به وڏي هوندي آهي،ان ڪري ايجنٽ ڪير هو؟جنهن ذريعي اها ڊيل ٿي،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن لکيو ته جيستائين ملڪ جو قرض نٿو لهي جوڻيجو صاحب وارا سڌارا آندا وڃن،اسان ته مونيٽائزيشن واري پاليسي به ڏني هئي پوءِ به بيوروڪريسي ۽ اشرافيه موجون شروع ڪري ڇڏيون هيون،ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن عوام صحيح معنيٰ ۾ سول نافرماني شروع ڪري ڇڏي،صحافي خالد مسعود لکيو ته اڃا ايئر پنجاب جي آفيس ناهي ٺهي،فني ماهر ڀرتي ناهن ٿيا،بزنيس پلان ناهي ٺهيو ۽ هڪ عدد جهاز خريد ڪيو ويو آهي،هن لکيو ته جهاز جي خريداري جو نه ڪو اشتهار جاري ٿيو نه ٽينڊر ڇپيو،اها پيپرا قانون جي ڀڃڪڙي آهي،پي ٽي آءِ جي سرڪاري اڪائونٽ تان چيو ويو آهي ته قومي خزاني مان هڪ رپيو استعمال نه ڪندڙ گهڙي تي 500 پروگرام ڪندڙ لفافي صحافي عام ماڻهو جي پئسن مان ذاتي عياشين لاءِ 22 ارب رپين جي جهاز ۽ 40 ارب رپين جي فائر وال جي ناڪام  منصوبي تي خاموش ڇو آهن؟عثمان نعيم چيو ته موجوده رجيم ۾ اشرافيه کي جيترو نوازيو پيو وڃي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي،اهو به سرڪاري اسڪول وڪرو ڪري ۽ غريب  ملازمن جون پگهارون  ۽ پينشن ڪٽي ڪري،افسوس

مريم نواز جي ڪوريج لاءِ پنجاب حڪومت پاران اوبي وين جي خريداري

لاهور(بيورو)پنجاب حڪومت  وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪوريج لاءِ او بي وين ۽ ڊي ايس اين جي خريد ڪري ورتي آهي،پنجاباسيمبلي جي اجلاس دوران صوبائي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي۔ هن اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کي مخاطب ڪندي چيو ته هاڻي کيس اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ خوشي ٿي رهي آهي ته پنجاب حڪومت  پنهنجي هڪ ڊي ايس اين جي ۽ او بي وين پاڻ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ذريعي وزيراعليٰ جي سموري ڪوريج کي يقيني بڻايو ويندو۔هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سان گڏ ويندڙ عملي لاءِ ٽريولنگ الائونس پڻ هوندو، جيئن ڪوريج جي عمل کي باقاعده ۽ منظم طريقي سان جاري رکي سگهجي۔

مهانگي جهاز جي خريداري تي پنجاب اسيمبلي ۾ گوڙ

لاهور(بيورو)پنجاب اسيمبلي ۾ مهانگي جهاز جي خريداري تي هنگامو ٿي پيو،اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ ڪاغذي جهاز اڏاريحڪومتي بئنچن خلاف نعريبازي ڪئي،شيم شيم جا نعرا،اپوزيشن ليڊر نعيم قريشي چيو ته هي جيڪا جهاز جي ڪهاڻي هلي رهي آهي،اصل ۾ اها ڪهاڻي آهي ڇا؟هن چيو ته گلف اسٽريم لگزري جهاز ڇو خريد ڪيو ويو؟ڪهڙي مد ۾ خريد ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن ايئر پنجاب بڻجي رهي آهي ته ان جو چارٽر ڪٿي آهي؟ان جي سول ايوي ايشن اٿارٽي اندر رجسٽريشن ڪٿي آهي؟عياشي جي به ڪا حد هوندي آهي

ملڪ ۾ وچولو طبقو ختم ٿيڻ لڳو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جماعت اسلامي اڳواڻ سراج الحق چيو آهي ته سرڪاري سروي موجب، پاڪستان ۾ غربت جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا گذريل 11 سالن جي بلند ترين سطح آهي. تقريباً 7 ڪروڙ پاڪستاني انتهائي غريبي جو شڪار آهن، هن چيو ته جڏهن ته مهانگائي، اڻبرابري ۽ معاشي خراب انتظام عوام جي زندگي کي ڏکيو ۽ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ن ليگ جي ناراض اڳواڻ ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو ته جيڪڏهن مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جي رفتار اهڙي ئي وڌندي رهي ته پاڪستان ۾ صرف امير ۽ غريب طبقا بچي ويندا، وچولو طبقي تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي،

بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين طرفان قومي خزاني کي 472 ارب رپين جو نقصان

اسلام آباد (بيورو)هڪ سال ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين قومي خزاني کي 472 ارب رپيا جو نقصان پهچايو آهي، نيپرا پاران جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي بجلي ورڇ ڪمپنين مالي سال 2024-25 دوران فراهمي، ورڇ ۽ گهٽ وصولين جي سبب قومي خزاني کي 472 ارب رپيا جو نقصان پهچايو آهي، رپورٽ موجب فراهمي ۽ ورڇ نقصان ۾ 265 ارب رپيا جو نقصان ٿيو، پييسڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر، 87 ارب 48 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو، رپورٽ موجب پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني پييسڪو 87 ارب 48 ڪروڙ، ڪوئٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 52 ارب 41 ڪروڙ، سکر اليڪٽرڪ پاور 36 ارب 4 ڪروڙ، لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 35 ارب 17 ڪروڙ ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 27 ارب 14 ڪروڙ رپيا نقصان ۾ شامل آهن، ملتان ۽ فيصل آباد جا نقصان گهٽ، ڪي اليڪٽرڪ شامل نه ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني 14 ارب، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 2 ارب 97 ڪروڙ ۽ آئيسڪو 4 ارب 78 ڪروڙ نقصان ڪيو، گجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جو نقصان 5.5 ارب رپيا رهيو. ڪي اليڪٽرڪ جا  فراهمي ۽ ورڇ نقصان رپورٽ ۾ شامل نه آهن، گهٽ وصولين سبب 207 ارب جو نقصان ملڪ جي بجلي ورڇ ڪمپنين مالي سال 2024-25 ۾ گهٽ وصولين سبب 207 ارب رپيا جو نقصان ڪيو، جنهن ۾ ڊسڪوز جا نقصان 132 ارب ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا نقصان 74 ارب 66 ڪروڙ رپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.