پاڪستان يو اي اي کان پري ٿي رهيو آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته يو اي اي، اسرائيل ۽ ڀارت جي ويجهڙائي وڌي رهي آهي،جيئن علائقائي بلاڪ ٺهي رهيا آهن، پاڪستان سعودي عرب جي ويجهو ۽ يو اي اي کان پري ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي پاليسي کي سڀ کان وڌيڪدوستيءَ جي ڪوشش هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته يو اي اي پاڪستان کي ڏنل پئسا ٻه مهينا وڌيڪ پاڪستاني بينڪن ۾ رکرايا آهن، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم اهي پئسا قطر کان وٺڻ جي ڪوشش ڪري، جيئن يو اي اي کي پئسا واپس ڪري سگهجن،هن چيو ته  پاڪستان ۾ هن وقت سيڙپڪاري هڪ ڏکيو سوال آهي،غربت وڌي رهي آهي،معيشت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.