حڪومتي وفد ۽ محمود خان اچڪزئي وچ ۾ هن هفتي ملاقات جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) حڪومتي وفد ۽ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي وچ ۾ هن هفتي ملاقات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ملاقات دوران چونڊ سڌارن سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي حڪومتي رابطن بابت پي ٽي آءِ قيادت کي اڳ ئي آگاهه ڪري چڪو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ چيمبر رابطن دوران اڳواٽ چونڊن بابت به شروعاتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ذريعن موجب حڪومت پاران اپوزيشن ليڊر سان رابطن بابت پيپلز پارٽي کي هن وقت تائين اعتماد ۾ نه ورتو ويو، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر مستقبل جي رابطن ۾ سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو پڻ اٿاريندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.