شڪارپور (رپورٽ: زاهد سنجراڻي) شڪارپور جي زرخيل پوليس چوڪي تي هٿياربند جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته نيو فوجداري ٿاڻي جي حدن ۾ زرخيل لنڪ روڊ تي قائم پوليس چوڪي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ پوليس اهلڪار صغير سنجراڻيشهيد ٿي ويو، شهيد اهلڪار جو لاش اسپتال پهچايو ويو، شهيد اهلڪار جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس اهلڪار جي شهادت جي واقعي جو نوٽيس ورتو، صوبائي گهرو وزير چيو ته ايس ايس پي شڪارپور شروعاتي پوليس قدمن بابت تفصيل پيش ڪري، ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ضلعي سطح تي ڇاپو هڻندڙ پوليس ٽيمن کي سرگرم ڪيو وڃي، ٽيڪنيڪل بيسڊ معلومات تحت پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، واقعي بابت هر صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي، نيو فوجداري پوليس جو چوڻ ھو ته زرخيل پوليس چوڪي تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ھڪ پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويو آھي ھٿياربند کيس شھيد ڪرڻ بعد شھيد اھلڪار جي سرڪاري ڪلاشن ڪوف به ساڻ کڻي ويا، علائقي جي ناڪا بندي ڪئي آهي جلد ڏوھارين جو پتو لڳائي گرفتار ڪيو ويندو، واقعي بعد انچارج ايس ايس پي ڪليم ملڪ سول اسپتال پھتو جتي ھو ميڊيا سان ڳالھائڻ کان سواءِ روانو ٿي ويو، شھيد اھلڪار جي وارثن مظھر سنجراڻي چيو ته منھنجو ڀاڻيجو ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ھو ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد کيس زرخيل پوليس چوڪي تي مقرر ڪيو ويو ھن چيو ته ھو گھر ۾ روزو کولڻ بعد ڊيوٽي تي ويو جتي ھٿياربندن کيس شھيد ڪري ڇڏيو، ظالمن ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.