خيرپور ڀرسان واپاري يرغمال، 3 لک ڦر، مزاحمت تي سخت زخمي

احمدپور (رپورٽ: مختيار علي ميتلو) خيرپور ڀرسان واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، 3 لک رپيا ڦر مزاحمت تي سخت زخمي، واپارين جو احتجاج، شاھ حسين ٿاڻي جي حد ۾ احمدپور خيرپور لنڪ روڊ تي هوٿي نوٿي اسٽاپ ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن ڪارگو لوڊر سوار احمدپور جي سبزين جي واپاري هول سيل ڊيلر الطاف ميتلو کي روڪي يرغمال بڻائي 3 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن کيس ڄنگهه ۽ ٻانهن ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو جتي سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو، واپارين چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل پئسا ۽ ٻيو سامان واپس نه ڪرايو ويو ته  شاهه حسين باءِ پاس تي  ڌرڻو هنيو ويندو، ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور پاران سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او شاھ حسين کي فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪري ڏوھ واپس ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.