ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني جي باهه، ڦر مزاحمت تي هندو نوجوان زخمي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هندو نوجوان مرنينگ، عيد ويجهو ايندي ئي اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب شهري عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪبيرڪٽيا مندر روڊ تي هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي هندو نوجوان شوم ڪمار تي سڌي فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري مرڻينگ حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، شوم ڪمار موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ڦورن کيس روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کيس زخمي ڪري ڦرلٽ کان پوءِ فرار ٿي ويا، شهرين ۽ سماجي حلقن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري، اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻي ۽ عيد کان اڳ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي ته جيئن عام ماڻهو سڪون سان روزمرهه جا ڪم ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.