ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، بلديا اتحاد ٽائون جي علائقي مستانا چوڪ ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن موٽر سائيڪل تي ويندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پٺيان ويٺل شخص موقعي تي ئي مٿي۾ گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، مقتول جي سڃاڻپ 35 ورهين جي عبدالمتين ولد حبيب الله طور ٿي، جيڪو اتحاد ٽائون جو رهواسي ۽ گاڏي جي ڊينٽنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، ٻئي پاسي پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي حد پراڻو گوليمار لياري ايڪسپريس وي ويجهو هڪ پلاٽ تان گوليون لڳل لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ 38 ورهين جي طارق ولد نور محمد طور ٿي. پوليس موجب جنهن نوجوان جو لاش مليو آهي اهو نشي جو عادي هو، وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي.