پشاور(عوامي آواز نيوز)ڪوهاٽ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ڊيوٽي دوران هڪ معمولي تڪرار سبب، هڪ مريض جي اٽينڊنٽ ڊاڪٽر مهوش کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر مهوش ٽيهن سالن تائين محنت ڪندي رهيون ۽ آخرڪار ٽيهن سالن جي محنت کانپوءِ ميڊيڪل آفيسر بڻجي هئي،ڊاڪٽر مهوش کي هڪ جاهل رڳو ان ڪري قتل ڪيو ته هن کيس چيو هو ته هي عورتن جي ڪلينڪ آهي، ٻاهر انتظار ڪريو،ذريعن موجب ڊاڪٽر مهوش کي ست گوليون ماريون ويون،ان واقعي خلاف اسپتال جا ڊاڪٽر سراپا احتجاج آهن،جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو پيو وڃي
-
ٽرمپ پاران پلان بي تحت ايران جي موجودا حڪومت جي تبديلي جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پلان اي يعني ايران تي محدود حملي جي ناڪامي جي صورت ۾ پلان بي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ٽرمپ پلان بي تحت ايران جي موجودا حڪومت جي تبديلي جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن محدود حملن باوجود ايران نرمي نه ڏيکاري ته هڪ وسيع فوجي مهم شروع ڪري سگهجي ٿي، جنهن جو مقصد سڌي ريت ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو ڪردار ۽ ايران جي موجودا حڪومت ۽ اعليٰ ترين سياسي نظام کي ختم ڪرڻ هوندو. ان کان اڳ پلان اي تحت صدر ٽرمپ معاهدي لاءِ ايران تي محدود حملن ذريعي دٻاءُ وجهڻ جو اعلان ڪيو هو، پر جيڪڏهن ان سان گهربل نتيجا حاصل نه ٿيا ته هلندڙ سال جي آخر ۾ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ وڌيڪ وڏي پئماني تي فوجي ڪارروائي به ڪري سگهجي ٿي.
-
آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ڊاڪٽر نثار مورائي جي زال جي درخواست تي نيب آفيسرن کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نثار مورائي جي زال جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته نيب ڪال اپ نوٽيس کان پوءِ انڪوائري جي آڙ ۾ ٽرانزيڪشن کي روڪي ڇڏي آهي، نيب قانونن ۾ تبديلي کان پوءِ، سيڪشن 23 نيب جي اختيار ۾ نٿو اچي، نيب ڪينٽ لاهور جي ملڪيت، ڪار، دفاعي بچت سرٽيفڪيٽ ۽ خانگي بينڪ اڪائونٽ تي ضمانت لاڳو ڪئي آهي، نيب جي انتظامي جج 2021 ۾ نثار مورائي جي زال جي درخواست رد ڪئي هئي ڊاڪٽر نٿار مورائي ريفرنس ۾ ضمانت تي آهي.