پاڪستان جو نئين بنگلاديش حڪومت سان پهريون سفارتي رابطو

اسلام آباد/ڍاڪا(م ڊ) ڍاڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر بنگلاديشي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي، کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. 12 فيبروري 2026 تي بنگلاديش ۾ عام چونڊن کان پوءِ بنگلاديشي حڪومت سان پاڪستان جو پهريون سرڪاري سفارتي رابطوٿيو. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران حيدر بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ڍاڪا ۾ بنگلاديشي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ملاقات ڪئي. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر خليل الرحمان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پاڪستان-بنگلاديش لاڳاپن ۾ تازي پيش رفت کان آگاهه ڪيو. بنگلاديشي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان، ٻطرفي لاڳاپن تي بريفنگ جي تعريف ڪندي، پاڪستان-بنگلاديش لاڳاپن ۾ تازي پيش رفت تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.