ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت هولي ويڪ ۽ ايسٽر دوران امتحان وٺڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. مسيحي برادري جي مقدس ڏينهن کي نظر ۾ رکندي صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته 2 کان 6 اپريل 2026ع تائين ڪو به امتحان شيڊول نه ڪيو وڃي. يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو موجب، اهو فيصلو وڏي وزير سنڌ جي هدايت تي سينٽ پيٽرڪ هائي اسڪول ڪراچي جي پرنسپل، ريورنڊ فادر ماريو اي روڊريگز جي درخواست تي ڪيو ويو. وڏي وزير سنڌ مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جي احترام ۾ امتحاني تاريخون تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صوبائي وزير جامعات محمد اسماعيل راهو واضح ڪيو ته خميس 2 اپريل کان 6 اپريل 2026ع تائين ڪو به پيپر نه ورتو ويندو. سمورا ملتوي ٿيل يا نوان امتحان 7 اپريل 2026ع اڱاري ڏينهن کان ٻيهر شروع ٿيندا.