ڪراچي (رپورٽر) ايس ايس پي ٽريفڪ اعجاز شيخ گل پلازا سانحي جي جاچ ڪندڙ ڪميشن کي ٻڌايو ته شروعاتي معلومات موجب باهه ٻن ٻارن جي ماچيس سان کيڏڻ سبب لڳي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران اعجاز شيخ چيو ته جڏهن هو واقعي واري هنڌ پهتو ته باهه مين روڊ ڏانهن تيز ٿي وئي هئي جڏهن ماڻهو ڊي سي آفيس جي پاسي کان سامان ڪڍي رهيا هئا. پوليس ٽن پاسن کان اهلڪار مقرر ڪري ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه تيزي سان پکڙجي وئي. هن ڪميشن کي ٻڌايو ته ٻارن کي سڏيو ويو ۽ انهن جا بيان ورتا ويا ۽ انهن ماچيس سان کيڏڻ جو اعتراف ڪيو. سندس مطابق، بيسمنٽ ۾ ڪمبل، ڪپڙا، گل ۽ اسپري جهڙيون ٻرندڙ شيون باهه پکڙجڻ جو سبب بڻيون. اعجاز شيخ چيو ته پلازا جي 17 دروازن مان صرف 4 کليل هئا ۽ دروازا کولڻ ايسوسيئيشن جي ذميواري هئي. هن چيو ته پوليس جو ڪم بچاءُ جي آپريشن لاءِ رستو صاف رکڻ هو جڏهن ته ڪنهن به دروازا کولڻ بابت اطلاع نه ڏنو.