پاڪستان جي حملن جو مناسب وقت تي جواب ڏنو ويندو: افغانستان

ڪابل (م ڊ) پاڪستان افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ دولت اسلاميا خراسان سان واڳيل شدت پسندن جي 7 ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. افغان طالبان ان حملي کي سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي الزام هنيو ته حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. افغان طالبان جي دفاع واري وزارت ننگر هار ۽ پڪتيڪا جي علائقن ۾ پاڪستان طرفان حملن جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو ته مناسب وقت تي انهن حملن جو جواب ڏنو ويندو. افغانستان جي اوڀر واري صوبي ننگر هار جي عملدارن دعويٰ ڪئي ته ضلعي بهسود جي علائقي گردي ڪيچ ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 17 ڄڻا مارجي ويا. طالبان حڪومت جي ننگر هار صوبي جي اطلاعات واري وزارت جي ترجمان عمرو قريشي بدن موجب، مارجي ويلن ۾ 11 ٻار شامل آهن، ٻين ۾ عورتون ۽ مرد آهن. افغان طالبان جي پرڏيهي وزارت ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير کي طلب ڪري احتجاجي خط حوالي ڪيو ۽ انهن حملن کي افغانستان جي علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي ۽ چڙ ڏياريندڙ قدم قرار ڏنو. افغان دفاع واري وزارت جي ترجمان عنايت الله خوارزمي ايڪس تي بيان ڏنو ته مناسب وقت تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.