اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني جانين جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ان حوالي سان ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڊگهو وقت صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪارروايون محدود علائقن تائين رکيون، تشدد جا منصوبا ساز ڪٿي به هجن، پهچ کان پري نه رهندا. صدر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو، امن رڳو تڏهن ممڪن آهي جڏهن دهشتگردي خلاف عملي ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن. سرحد پار دهشتگردي لاءِ برداشت پنهنجي حد ٽپي وئي، پاڪستان دفاع جي فطري حق تحت قدم کڻي رهيو آهي. دوحا معاهدي جي ابتڙ دهشتگرد عنصرن کي کلي ڇوٽ مليل آهي. داعش خراسان، ٽي ٽي پي، القاعدا، ايسٽرن ترڪستان اسلامڪموومينٽ افغانستان مان آپريٽ ڪري رهيون آهن. جماعت انصار الله، اتحاد المجاهدين پاڪستان ۽ ٻيا گروهه افغانستان ۾ آهن.