لاڙڪاڻو (ن ع آ) لاڙڪاڻي جي تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ ڳڙهي ۾ مبينا طور پلاٽ جي معاملي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 43 سالن جي عبدالرزاق پٽ امام الدين مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ سيف الله مغيري، شعبان، علي گل، عزيز مغيري سوڌو 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سندن وارثن ۽ پوليس کڻائي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي پهچايو، جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمين جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي مقتول ڳوٺاڻي جي سئوٽ محمد خان مغيري صحافين کي ٻڌايو ته بااثر مظهر چانڊيو، نثار چانڊيو، عمران چانڊيو ۽ ٻين پلاٽ جي مالڪي جي معاملي تان اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو سئوٽ عبدالرزاق مغيري قتل ٿي ويو آهي، جڏهن ته گوليون، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 7 کان وڌيڪ اسان جا ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.