اسلام آباد/ڪابل (م ڊ) پاڪستان سرحد پار دهشتگردي جي خطرن کي ڏسندي افغانستان جي اوڀر علائقن ۾ انٽيلي جنس بيسڊ فضائي آپريشن ڪندي شدت پسندن جي 7 اهم ٿاڪن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ طالبان ڪمانڊر اختر محمد سميت ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب، صوبي پڪتيڪا جي ضلعي برمل ۾ جيٽ جهازن دهشتگردن جي پناهه گاهن تي نشانو لڳايو، شدت پسندن جي استعمال ۾ ايندڙ ٺڪاڻن کي نقصان پهتو. افغان ميڊيا رپورٽن موجب، پڪتيڪا کانپوءِ ننگرهار جي ضلعي خوگياني ۾ به فضائي ڪارروائي ڪئي وئي جتي دهشتگردن جي ٿاڪن ۽ مبينا تربيتي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. افغانستان جي مرغا واري علائقي ۾ بنوسي مدرسي ۾ ڌماڪي ۾ 10 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هي علائقو ڪمانڊر خارجي اختر محمد مرڪز سان واڳيل آهي. ننگر هار جلال آباد جي ضلعي ڪامي ۾ به ٻن هدفن کيجيٽ جهازن سان نشانو بڻايو ويو. ذريعن موجب، طالبان ڪمانڊر اختر محمد پڪتيڪا ۾ مارجي ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت موجب، جنگي جهازن دهشتگردي جي جوابي اپائن طور پاڪستان افغان سرحدي علائي ۾ دهشتگردن، خارجين سان واڳيل گروهن جي 7 دهشتگرد ڪيمپن ۽ ٺڪاڻن کي انٽيلي جنس بنيادن تي درستگي سان نشانو بڻايو ۽ ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان، افغان عبوري حڪومت کان اميد ۽ مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف خارجن ۽ دهشتگردن جي استعمال کان روڪين. پاڪستان عالمي برادري کان اميد ڪري ٿو ته تعميري ڪردار ادا ڪندي طالبان حڪومت کي دوحا معاهدي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ زور ڀري. پاڪستان ۾ تازو آپگهاتي ڌماڪا ٿيا، اسلام آباد ۾ هڪ امام بارگاهه تي حملو، باجوڙ ۽ بنون ۾ هڪ هڪ واقعو ۽ رمضان دوران بنون ۾ ٻيو واقعو ٿيو. پاڪستان وٽ ثبوت آهن ته اهي دهشتگردي وارا قدم خارجي عنصرن پنهنجي افغانستان ۾ موجود قيادت ۽ هينڊلرز جي چرچ تي انجام ڏنا. انهن حملن جي ذميواري افغانستان ۾ موجود طالبان، خارجي فتني ۽ ان سان واڳيل گروهن، اسلامڪ اسٽيٽ خراسان صوبي به قبول ڪئي.