اسلام آباد(اسد علي طور) هن سال جي آخر يا ايندڙ سال جي شروعات ۾ نين چونڊن بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ۽ اهو به امڪان پيدا ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي به جيل مان واپسي ٿي سگهي ٿي. ه هن سال پاڪستان جي قرضن جي ادائيگين جو معاملو سنگين آهي اهو سوچيو پيو وڃي ته سڀني سياسي پارٽين کي هڪ صفحي تي گڏ ڪري قومي حڪومت ٺاهي وڃي.وزيراعظم سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ڪجهه معاملا بهتر ٿي ويا هئا، پر آفريدي جي هڪ قدم سان اسٽيبلشمنٽ ناراض ٿي وئي آهي، ۽ هاڻي هن کي هٽائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن،پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب، اڄڪلھ صدر آصف علي زرداري جو موڊ ڪجهه تبديل ٿيل آهي، جنهن جي سببن کي ايندڙ چونڊن ۽ عمران خان جي امڪاني آزادي سان ڳنڍيو پيو وڃي. ان ڪري گذريل ڏينهن انهن عمران خان بابت سخت ڳالهيون ڪيون، سوشل ميڊيا تي تنقيد به ٿي، پر اصل سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽي کي خبر آهي ته سال جي آخر يا ايندڙ سال شروعات ۾ چونڊون ٿينديون. پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز ختم ٿيڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي پاڻ کي اينٽي عمران فورس جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ چاهي ٿي، ته جيئن ايندڙ چونڊن کان اڳ بچيل ووٽ انهن جي پاسي اچي وڃن.پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي اندر پنهنجي خلاف وڌندڙ ڪرپشن جي الزامن سبب مونجهاري ۾ آهي، تنهنڪري محسن نقوي کي گڏ کڻي ڪوشش ڪري رهي آهي ته حالتون سازگار بڻايون وڃن،