اين ايڇ اي جا ٻٽا معيار،سنڌ ۾ قومي شاهراهه جي حالت خراب،حادثا معمول بڻيل

سکر(رپورٽ: فرمان سھتو(سنڌ اندر قومي شاھراھ جي حالت ڳنڀير،مورو کان ڪوٽڙي ڪبير تائين روڊ پٽي ڇڏڻ بعد مرمتي ڪم ۾ سست رفتاري سبب مسافر توڙي ٽرانسپورٽرن جون ھزارين گاڏيون ڦاسي پون ٿيون اوور ڪراسنگ توڙي رانگ روٽ تي تيز رفتاري سبب حادثا معمول بڻيل ھڪ سو کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چيڪون آهن.اين ايڇ اي مورو کان راڻيپور تائين قومي شاھراھ جي مرمت بھاني کوٽائي ڪري ڇڏي آهي مورو کان سڌوجا نور پور ۽ ڌيرڻ تائين،نوشھروفيروز ڪنڍا کاھي کان ڀريا تائين،ڀريا جي دالي موري کان ڪنڊيارو ٽول پلازا تائين،ڪنڊيارو باء پاس کان ھالاڻي جي ڳوٺ ڍوڍا تائين،ان کان علاوه ھالاڻي شھر ۽ وري ھالاڻي کان ڪوٽڙي ڪبير تائين روڊ جي ھڪ سائيڊ مڪمل پٽيل آهي  جنهن سبب گڊز ٽرانسپورٽر گاڏين جون وڏيون وڏيون قطارون لڳي وڃن ٿيون جيڪي 2/2 ڏينهن بيٺل رھن ٿيون عوامي گاڏين توڙي ٻين ننڍين وڏين گاڏين ڪارين وغيره جو پڻ رستو بند ٿي وڃي ٿو ھڪ ٻن ڪلاڪن جو سفر 6 کان 7 ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رھيو جنهن ڪري عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رھيو آهي.ڊگھين قطارن ۾ بيھي بيھي تنگ ٿيندڙ ڊرائيور گاڏين کي ٻئي پاسي ڏانهن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ تيز رفتاري سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ڪافي مھينن کان ھن تڪليف جو ازالو ڪير به ڪرڻ لاء تيار ناهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. ان کان علاوه ڪراچي کان پشاور تائين ھلندڙ ھن روڊ جي مرمت ٿيڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي وري روڊ اکڙي وڃي ٿو ھنڱورجا کان راڻيپور،گمبٽ کان ٽنڊومستي توڙي سکر تائين قومي شاھراھ ۾ کڏا پيل آهن جنهن سبب تيز رفتار گاڏين کي نقصان پئجي رھيو آهي.

  1. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ هاءِ ويز ۽ موٽرويز جي خراب حالت جو نوٽيس وٺي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي(رپورٽر ) سُکديو هيمناني سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو هيمناڻي وفاقي اختيار هيٺ ايندڙ سنڌ جي هاءِ ويز ۽ موٽرويز جي مسلسل بدانتظامي ۽ ڊگهي عرصي کان جاري لاپرواهي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ ھن چيو ته  سنڌ حڪومت جي بار بار درخواستن باوجود اهي اهم ۽ اسٽرٽيجڪ رستا اڃا تائين انتهائي خراب ۽ خطري واري حالت ۾ آهن، جيڪي انساني زندگين لاءِ وڏو خطرو ۽ معيشت لاءِ وڏو نقصان بڻيل آهن۔ اين–فائيو (N-5)، اين–ففٽي فائيف (N-55) ۽ ايم–نائن (M-9) تي موتمار حادثا ۽ گاڏين جا ٽڪر معمول بڻجي ويا آهن، جن ۾ هر مهيني درجنين قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن۔ اها صورتحال نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ ۾ قومي اهميت وارن رستن جي صحيح سنڀال ۾ ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿي۔ ناقص ٽريفڪ انتظام ۽ ڪمزور قانون لاڳو ڪرڻ سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، خاص طور تي ايم–نائن جهڙين تيز رفتار موٽرويز تي سخت حفاظتي نگراني جي ضرورت آهي۔ هيمناني چيو ته اين ايڇ اي هر 50 کان 60 ڪلوميٽرن تي ڳرا ٽول ٽيڪس وصول ڪري ٿي، پر بنيادي مرمت ۽ حفاظتي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي۔ هن چيو ته ڄامشورو–سيوھڻ سيڪشن سنڌ طرفان ڊبل ڪيريج وي لاءِ پئسا جمع ڪرائڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي۔نوشهرو فيروز ۽ خيرپور جي علائقي ٽنڊو مستي ۾ اين–فائيو تي، ساڳي طرح منجهند ڀرسان اين–ففٽي فائيف ۽ ڪراچي ڀرسان ايم–نائن تي تازن موتمار حادثن ۾ صرف هڪ مهيني اندر ۳۰ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي اين ايڇ اي جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهن،هن مورو کان راڻيپور تائين اين–فائيو سيڪشن ۾ جاري خراب مرمتي ڪم ڏانهن به ڌيان ڇڪايو، جتي هاءِ وي جو هڪ پاسو ڪيترن مهينن کان بغير ڪنهن متبادل رستي جي بند آهي۔ هن ان کي غير ذميوارانه ۽ ناقابلِ قبول قرار ڏيندي چيو ته لڳ ڀڳ ڇهن مهينن کان هن اهم قومي شاهراهه تي روزانو ٽريفڪ جام، دير، معاشي نقصان ۽ مسافرن توڙي ٽرانسپورٽرن کي سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن۔ هن سکر–حيدرآباد موٽروي منصوبي ۾ ڄاڻي واڻي دير جو ذڪر ڪندي چيو ته اها وفاقي سطح تي سياسي عزم جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي،هن چيو ته  وفاقي حڪومت کي فوري انهن رستن جي مرمت، سار سنڀال ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ گھرجي ۽ لاپرواهي سبب ٿيل نقصانن تي سنڌ حڪومت کي معاوضو ڏيڻ گھرجي۔

  1. سکر کان مورو تائين چئن ٽول پلازائن تي ڪروڙين رپين جي اوڳاڙي

سکر: سکر کان مورو تائين 4 ٽول پلازائن تي لکين روپيا روزانو ٽيڪس وصول ٿيڻ باوجود قومي شاھراھ جي حالت سڌري ناهيسگهي.سکر، راڻيپور،ڪنڊيارو ۽ مورو ۾ ٽول پلازا آهن جتي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان لکين روپيا روزانو ٽيڪس وصول ڪئي وڃي ٿي پر روڊ جي حالت آئي ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ھونئن ته ھر ضلعي ۾ ھڪ ٽول پلازا ھجڻ گهرجي پر نوشھروفيروز ضلعي ۾ ٻه ٽول پلازا ٺھيل آهن ڪنڊيارو واري غير قانوني ٽول پلازا خلاف ڪيترائي احتجاج ٿيا پر اھو به اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.

  1. اين ايڇ اي جي بي حسي تي ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي

سکر:سکر،خيرپور ۽ نوشھروفيروز جي مختلف ٽرانسپورٽرن توڙي مسافرن عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اين ايڇ اي جي ڪيڏي بي حسي آهي ته ھڪ ته روڊ ٺاهي ڪو نه ٿا سگهن الٽو وري کوٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو اٿن جنهن سبب گذريل ڪيترن ئي مھينن کان عذاب کي منهن ڏئي رھيا آھيون.ھنن چيو ته سکر موري تائين قومي شاھراھ جو سفر جانين سان کيڏڻ جي برابر ٿي ويو آهي.دنيا چنڊ تي پھتي آهي پر اسان کي ھڪ سٺو روڊ نه پيو ٺاهي ڏنو وڃي.ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بدمست اين ايڇ اي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ھتان جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

  1. موري ۾ ٽن ڏينهن کان سوين گاڏيون ڦاٿل، ميڊيا خاموش

حيدرآباد (عوامي آواز رپورٽ) تجزيي نگار نصير ميمڻ چيو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان سنڌ جي نيشنل هاءِ وي تي مرمت جي ڪم ۾ لاپرواهي سبب مورو جي ويجهو سوين  گاڏيون جام ٿي ويون آهن. ڊرائيورن کي ٽن ڏينهن کان سخت تڪليفون آهن  جڏهن ته شاهراهه ملڪ جي سپلائي چين سان جڙيل آهي. نصير ميمڻ زور ڏئي چيو ته قومي ميڊيا هن صورتحال تي خاموش آهي، جڏهن ته شهر اندر معمولي ٽرئفڪ جام ٿيڻ تي ميڊيا ۾ وڏو گوڙ ڪيو ويندو آهي. هن تنقيد ڪندي چيو ته شاهراهه جي بندش جي ذميواري وفاقي حڪومت جي ادارن جهڙوڪ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تي آهي، پر تعصبي ميڊيا هن معاملي تي ڪوريج ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.