123 ڪمپنين پاران پاڪستان ڇڏڻ نظام تي بي اعتمادي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل فهرست موجب 123 غير ملڪي ڪمپنيون پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. هي انگ اکر موجوده حڪومت جي ان جعلي دعويٰ کي مڪمل طور تي بي نقاب ڪن ٿا جنهن تحت ملڪ ۾ “سيڙپڪاري جي برسات” ٿيڻ  جون دعوائون ڪيون پئي ويون. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ماحول ايترو دشمناڻو، غير يقيني ۽ جابراڻو بڻايو ويو آهي جو عالمي سيڙپڪار سرڪاري نظام تي اعتماد وڃائي ويٺا آهن ۽ پنهنجو سرمايو ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن.پاڪستان تحريڪِ انصاف هن ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي ته حڪومت هڪ طرف پرڏيهي  سيڙپڪاري جا مصنوعي انگ اکر پيش ڪري قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي، ۽ ٻي طرف ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول ايترو غير محفوظ، غير مستحڪم ۽ ظالماڻو بڻايو ويو آهي جو غير ملڪي سيڙپڪار اعتماد وڃائي پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. قانون جي بالادستي جو فقدان، پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ، سياسي انتقام، عدالتي ۽ انتظامي دٻاءُ، ۽ معاشي غير يقينيءَ ماحول سيڙپڪارن لاءِ ناقابل برداشت بڻجي ويو آهي.هي صرف 123 ڪمپنين جو ملڪ ڇڏي وڃڻ ناهي، پر اهو سرڪاري نظام تي عدم اعتماد جو هڪ ريفرنڊم آهي.

  1. معيشت بدحال، حڪومت جا اقتصادي مئنيجر اڃا به پر اعتماد!

اسلام آباد(علي مصطفيٰ)معاشي ماهر ثاقب شيراني چيو آهي ته  غربت جي سطح گذريل 11 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي ۽ هاڻي اها 29 سيڪڙُ  تائين پهچي وئي آهي. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 70 ملين ماڻهو، يعني تقريباً ست ڪروڙ ماڻهو، غريبي جي ليڪ پار ڪري چڪا آهن. ساڳئي وقت 123 کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪمپنيون پاڪستان ڇڏيون آهن. تازو ئي مٽسوبشي اينگرو ۾ پنهنجا شيئرز وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ کان لڳ ڀڳ 600 ملين ڊالر ننڍي مدي وارو قرص وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته ٻئي پاسي سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري منفي سطح تي پهچي وئي آهي. معيشت جو ڪٻاڙو نڪري ويو آهي ، پر ان جي باوجود اقتصادي مينيجرز ۾ اڃا تائين پراعتمادي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي،هن چيو ته 25 فيبروري 2026 تي آءِ ايم ايف  جي ٽيم ٻيهر معيشت جو جائزو وٺڻ لاءِ  پاڪستان ايندي، سوال اهو آهي ته اهڙي وڏي معاشي بحران جي باوجود، ملڪ جي انتظامي نظام ۽ ڪارڪردگي ۾ ڪو خاص تبديلي ڇو نه اچي رهي آهي.اهڙي بحران ۾، هڪ اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا ماڻهن سان جڙيل هجي ۽ جمهوري قدرن سان مسئلا حل ڪري سگهي، پر بدقسمتي سان هڪ غير نمائنده، غير آئيني ۽ غير قانوني حڪومت مڙهي وئي، جنهن جو عوام سان ڪو تعلق نه آهي،هن چيو ته  اهو بحران ڊيل ڪرڻ لاءِ مضبوط انتظامي حڪمت عملي، واضح پاليسيون ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.