ڪراچي (رپورٽر) سولجر بازار بلڊنگ ۾ پيش آيل گيس ليڪج ڌماڪي جو زخمي شاھد نوتڪاڻي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.ڌماڪي ۾ اڳ ۾ ئي سندس ٻه پٽ عباس نوتڪاڻي، سجاد نوتڪاڻي ۽ سندس گهر واري به موقعي تي جانون وڃائي چڪا هئا. واقعو سولجر بازار جي رهواسين ۽ مقامي انتظاميا لاءِ وڏو صدمو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي سبب ملڪيت جو پڻ وڏو نقصان ٿيو.