نارٿ ناظم آباد ۾ رهائشي عمارت ۾ گئس ليڪيج ڌماڪو، ٻارڙو فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي حيدري ويجهو هڪ رهائشي عمارت جي هڪ فليٽ ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ هڪ ٻارڙو اجل جو شڪار ٿي ويو، شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو عمارت جي ڏهين ماڙ تي واقع فليٽ ۾ گئس ليڪيج سبب پيش آيو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهتيون ۽ ريسڪيو عملي سان گڏ باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، عملدارن موجب فائر بريگيڊ جون 4 گاڏيون، 2 اسنارڪل ۽ هڪ باؤزر باهه وسائڻ واري عمل ۾ حصو ورتو، عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ رهائشي عمارت خالي ڪرائي وئي، ڌماڪي ۾ هڪ ٻار فوت ٿيو جڏهن ته هڪ نياڻي ۽ هڪ عورت زخمي ٿيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.